بالي ووڊ ۾ ايڪٽر طور مون کي سنجيده نه ورتو ويو: بوبي ديول

0
293
بالي ووڊ ۾ ايڪٽر طور مون کي سنجيده نه ورتو ويو: بوبي ديول
بالي ووڊ ۾ ايڪٽر طور مون کي سنجيده نه ورتو ويو: بوبي ديول

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ليجنڊ اداڪار ڌرمينڌر جي پٽ بوبي ديول چيو آهي ته مونکي انڊسٽري ۾ ايڪٽر طور ڪڏهن سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب 54 سالن جي بوبي ديول چيو آهي ته مان بالي ووڊ ۾ پنهنجي 28 سالن جي ڪيريئر ۾ ڪيتريون ئي ناڪاميون ڏٺيون پر مايوس نه ٿيس

Bobby Deol opens up on his fleeting stardom, says 'no one took me seriously  as an actor' | Hindi Movie News - Times of India

بالي ووڊ ۾ پاڻ سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ جي حوالي سان ڳالهائيندي بوبي ديول چيو ته مان هڪ اسٽار هوندو هيس پر اسٽارڊم گهڻي دير تائين نه هلندي آهي ته اهو اداڪار ختم ٿي ويو. بوبي ديول شڪايت ڪئي ته انڊسٽري ۾ مونکي اداڪار طور سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو

هن چيو ته مان ان ڳالهه مان واقف هيس ته مون وٽ صلاحيت آهي پر ڪنهن مونکي موقعو نه ڏنو. اداڪار چيو ته مان پنهنجي لاءِ جن پراجيڪٽس جي چونڊ ڪئي انهن جو ڪم نه اچي سگهيو جنهن کانپوءِ مان اداڪار طور مون پاڻ تي وڌيڪ محنت ڪئي