عارف گل کي پيش نه ڪيو ته وزيراعظم کي گهرائينداسين: چيف جسٽس

0
328
چيف جسٽس جي ڊي جي سي اي اي کي ڇنڊ

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا عارف گِل کي پيش ڪرڻ سان سپريم ڪورٽ جي عمارت اڏري ويندي، جوابدار کي اڄ ئي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ جوابدار عارف گل کي حراست ۾ وٺڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جي جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو

چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عارف گل کي وٺي آيا آهيو؟  جنهن تي هن چيو ته عارف گل حراستي مرڪز ۾ آهي، عدالت آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي

چيف جسٽس چيو ته ڇا عارف گِل کي پيش ڪرڻ سان سپريم ڪورٽ جي عمارت اڏري ويندي، عارف گل کي پيش ناهي ڪرڻو ته سپريم ڪورٽ کي تالو هڻي ٿا ڇڏيون

چيف جسٽس چيو ته عارف گِل کي اڄ ئي پيش ڪيو، عارف گل کي پيش نه ڪيو ته وزيراعظم کي گهرائينداسين، عدالت کي ڊفينس جي مشينري گهرائڻ جو به اختيار آهي

چيف جسٽس چيو ته عارف گل جي شهريت جو اشو 2019 کان هن وقت حل ڇو ناهي ٿيو، 2019 کان هن وقت تائين مامري تي جاچ هلي رهي آهي، حڪومت جي آفيس ۾ ڪرپشن آهي ته عدالت ڇا ڪري

ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي چيو ته عارف گل افغان بارڊر ايريا جي ويجهو فوجي ڪيمپ تي حمل ڪيو، حراستي مرڪز ۾ عارف گل کي ڪونسلنگ، ووڪيشنل ٽريننگ مڪمل ٿي چڪي آهي

ان تي جسٽس جمال خال مندوخيل چيو ته فاٽا ان سيٽل ايريا آهي، جنهن قانون تحت عارف گل کي حراستي مرڪز ۾ رکيو ويو آهي اهو قانون هاڻي قانوني ناهي، فاٽا پاٽا هاڻي ڪي پي ڪي ۾ شامل ٿي چڪو آهي

وڪيل جي استدعا تي چيف جسٽس ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي جوابدار کي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

جج صاحب اونهاري ۾ گرم ۽ سياري ۾ سردي وارو فيصلو ناهن ڏيندا: چيف جسٽس