طالبان جو ايران سان ڳنڊيل افغان علائقي اسلام قلعه تي قبضو

0
426

ڪابل (م ڊ) طالبان ايران بارڊر سان ڳنڊيل افغان صوبي هرات جي علائقي اسلام قلعه تي به قبضو ڪري ورتو، ميڊيا رپورٽس موجب، اسلام قلعه ۾ مقرر افغان فوجي پناهه وٺڻ لاءِ ايران جي حدن ۾ داخل ٿي ويا، ان کان اڳ وچ ايشيائي سرحدي رياستن سان ڳنڊيل صوبن ۾ به ڪجهه علائقن تي طالبنن قبضو ڪري ورتو آهي، هرات جي علائقي اسلام قلعه تي قبضي بعد اطلاع اهڙي وقت تي آيا جڏهن طالبان جو هڪ وفد ڳالهين لاءِ ايران دوري تي هو.