طالبان تي ڀروسو نه آهي، جنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو درست آهي: امريڪي صدر

0
438

واشنگٽن (م ڊ) امريڪي صدر جوبائڊن اعلان ڪيو آهي ته افغانستان ۾ امريڪا جو فوجي مشن 31آگسٽ تائين ختم ٿي ويندو، هڪ بينا ۾ جوبائڊن چيو آهي ته امريڪا طرفان وڏي عرصي کان جاري جنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو صحيح آهي، مشن تڏهن ئي مڪمل ٿي ويو هو، جڏهن اسامه بن لادن کي انجام تي پهچايو، امريڪا جي هڪ ٻي نسل کي افغان جن لاءِ نٿو موڪلي سگهجي، هن چيو ته طالبان تي ڀروسو نه آهي پر افغان حڪومت جي تحفظ لاءِ افغان فوج تي ڀروسو آهي، افغانستان ۾ سلامتي ۽ امن هڪ متحد ۾ اچي سگهي ٿو پر ان ڳالهه جو امڪان نه آهي ته افغانستان ۾ متحد حڪومت جو قيام عمل ۾ ايندو، امريڪي صدر جو چوڻ هو ته افغان عورتن جا پنهنجي مستقبل بابت خدشا صحيح آهن، افغانستان مان اڍائي هزار ماڻهن کي امريڪا منتقل ٿيڻ لاءِ خاص ويزه ڏنا ويا آهن، افغان اڳواڻن سان ملڪي مستقبل ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.