پشاور (رپورٽ: ملڪ قيصر) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ طاقتور قانون جي هيٺان ناهي ايندو ۽ هو پي ڊي ايم جهڙو اتحاد ٺاهيندو آهي، شگر مافيا جي خلاف ڪجهه ڪيو وڃي ته هو چون ٿا ته اسان خاص ماڻهو آهيون. وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي نوشهره پهتو جتي هن جلوزائي ۾ هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته هي سستن فليٽن وارو منصوبو گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ هوندو. اسان جو معاشرو ڪمزور طبقي جو ڌيان نٿو رکي سگهي جنهن سبب هو مٿي نٿو پهچي سگهي. هن چيو ته قانون جي بالادستي جو مطلب آهي طاقتور کي قانون جي ماتحت ڪرڻ، هتي عوام ۽ طاقتور لاءِ ڌار ڌار قانون آهي. قانون جي بالادستي جي ڳالهه پاڪستان ۾ ماڻهن کي سمجهه ۾ نه پئي اچي، قانون جي بالادستي جو مطلب هوندو آهي طاقتور کي قانون جي هيٺان آڻڻ، طاقتور قانون جي ماتحت ناهي ايندو ۽ هو پي ڊي ايم جهڙو اتحاد ٺاهيندو آهي، شگر مافيا ماڻهن کي مهانگي کنڊ وڪرو ٿي ڪري. هو ٽيڪس نٿا ڏين، شگر مافيا جي خلاف ڪجهه ڪريون ٿا ته هو چون ٿا اسان خاص ماڻهو آهيون، بليڪ ميل ڪندا آهن، بنانا ري پبلڪ ۾ طاقتور جي لاءِ الڳ قانون هوندو آهي، ملڪ ۾ ڪمزور ۽ طاقتور جي لاءِ هڪ ئي قانون هئڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته معاشري جي سڃاڻپ ڪمزور طبقي سان ٿيندي آهي. سٺي معاشري جي هڪ سڃاڻپ قانون جي بالادستي به هوندي آهي. هن چيو ته ملڪ جا وڏا ماڻهو چون ٿا اسان ڦرلٽ ڪريون، ڪرپشن ڪريون جيڪو ڪجهه ڪريون اسان کي ڪجهه نه چئو، قانون جي ماتحتي ۾ نه اينداسين، هن چيو ته قوم وسيلن جي کوٽ سبب نه پر قانون جي بالادستي نه هئڻ سبب غريب ٿيندي آهي. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته سرڪاي زمين تي سستا گهر ٺاهيون. جوڻيجو جي اسڪيم ان لاءِ ناڪام ٿي ته اتي ماڻهن رهڻ نه پئي چاهيو. منصوبي ۾ دير ان لاءِ ٿي ته بينڪ قرض ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. قانون 11 سالن کان عدالتن ۾ ڦاٿل هو. اسان بينڪن کي درخواست ڪئي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ گهر جي قرض تي صرف 3 سيڪڙو وياج ڏيڻو پوندو. ۽ اسان هر گهر تي 3 لک رپيا سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته سستن گهرن جي لاءِ قرضن جي فراهمي سست روي جو شڪار آهي. بينڪن جي سربراهن کي چيو آهي ته پنهنجي عملي جي تربيت ڪريو. ڪمزور طبقي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. مديني جي رياست ۾ پئسو نه هو پر اتي انسانيت هئي، آبادي وڌڻ سبب شهر پکڙجي رهيا هئا. اسان کي هاڻ ڊگهين عمارتن طرف وڃڻو پوندو.