صوفي راڳي سائين والي شاهه هميشه لاءِ وڇڙي ويو

0
523

پنوعاقل (ن پ ا) سنڌ جو ڀلوڙ صوفي شاعر ۽ راڳي/ درگاھ سيد لعلڻ شاھ جو سجادہ نشين صوفي فقير سيد والي شاھ هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، جنهن جي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت طرفان 2 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، عورت جوائنٽ سيڪريٽري آپا نذير ناز،جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، خزانچي نعيم ملڪ ۽ آڊيٽر قادر جاگيراڻي جاگيراڻي فوتي جي پونئيرن سيد غلام ميران شاھ ۽ ٻين سان ڏک جو اظهار ڪندي سندس موت کي پيار ۽ امن جي پرچارڪ ويراڳي جو وڇوڙو ڪوٺيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته والي شاهه سنڌ جي ڳوٺن ڳلين ۾ پنهنجي سنگ سان عارفاڻي ويراڳ جي ذريعي نفرتن جي خاتمي واسطي امن جو پيغام ڦهلايو، هو عارفاڻي ڪلام ۽ ڪافي جو باڪمال شاعر به هو، ٽي ڏهاڙا اڳ” لعلڻ سائين جي رسالي جو ڇاپو ” ڏسي خوشي ۾ ٽڙي پيو هو، ڄڻ هو اسان وٽ “لعلڻ سائين جو رسالو ” جي ڇپائي کي آخري خواهش طور تصور ڪندي ترسيل هو، ڪافي وقت کان هن فالج جي حملي بعد بستري تي مختلف بيمارين سان جهيڙيندي گذاريو ۽ اڄ صبح جو پني عاقل لڳ ۾ پنهنجي گهر درگاھ لعلڻ شاھ، ڳوٺ حاجي مولودي ۾ سدائين لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين۔۔۔۔۔۔