ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خوراڪ ۽ اقليتي معاملن واري صوبائي وزير هريرام شوري لال کي پنهنجي آفيس ۾ ئي دل جو دورو پئجي ويو، آفيس جي اسٽاف کيس ايمبولينس ذريعي اين آءِ سي وي ڊي پهچايو، صوبائي وزير هريرام ڪشوري لال معمول موجب ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ جي اولڊ ڪي ڊي اي بلڊنگ ۾ واقع پنهنجي آفيس پهتو، جتي ڪم دوران کيس دل جو دورو ٿيو، آفيس جي ملازمن کيس ايمبولينس ذريعي اين آءِ سي وي ڊي پهچايو. شام ڌاري هريرام کي سائوٿ سٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير جي حالت هاڻ بهتر آهي.