هن ملڪ ۾ اڻ اعلانيل طور هڪ اهڙو قانون نافذ ٿيل آهي، جنهن تحت جمهوريت پسند عوام جي اڪثريت، حق ۽ انصاف جو آواز بلند ڪندڙ صحافين، انساني حقن جي لتاڙ ڪندڙن خلاف سراپا احتجاج ماڻهن ۽ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جدجهد ڪندڙن کي سرعام روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ نشانو بڻايو ويندو آهي، انهن کي هجومن جي آڏو ديده دليري سان قتل ڪيو ويندو آهي. انهن جي ٻارن ٻچن، دوستن، مٽن مائٽن ۽ خاندان جي ڀاتين جي زندگي زهر بڻائي ويندي آهي ۽ وڏي ڳالهه ته جيڪو اهو ڪم جيتري وڏي بي حيائي، ڪريل کان ڪريل انداز، وحشي کان وحشياڻي انداز ۾ ڪندو آهي، سو اهو اسان جي اعليٰ ادارن کان ويندي حڪمران طبقي جي اکين جو نور، دل ٺار، حلالي، وفادار، سڀني کان پيارو ۽ پسنديده لکيو ۽ سمجهيو ويندو آهي. هر طرف ان جي ثناخواني ڪئي ويندي آهي، ان جي شان ۾ قصيده بيان ٿيندا آهن، صفا اصلي ۽ نسلي هئڻ جا سرٽيفڪيٽ ملندا آهن. پيسن جا مينهن وسي ويندا آهن. لاتعداد اوطاقون، پروٽوڪول، سڄو سرڪاري ۽ رياستي عملو ان جي آڏو ٻانهو ٻڌيو بيٺو هوندو آهي، سڀ سرڪاري ملازم هن جي ڪيٽيءَ جا ڪمدار لڳا پيا هوندا. بس هن جو اول ۽ آخر ڪم هوندو ته ڪجهه به ٿي وڃي، هن ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جيڪو به انساني حقن جي ڳالهه ڪري، حقيقي عوامي جمهوريت لاءِ جدجهد ڪري ۽ آزاد ۽ سچي صحافت ڪري، تنهن کي اسرڻ سان ئي اهڙي طرح ختم ڪري ڇڏجي، جو وري اتان ڪنهن کي اهڙي جرئت ئي نه ٿئي جو ڪا اهڙي ڳالهه ڪري. اهڙي ‘ڏوهه’ ۾ اسان جا ڪيترا پيارا دوست ۽ ساٿي پنهنجو ساهه ۽ حسين زندگي جا باقي ڏينهن قربان ڪري هميشه هميشه جي لاءِ امر ٿي ويا. اهڙن امر ڪردارن جي هڪڙي ڊگهي لسٽ ۾ گذريل ڏينهن اسان جي پياري صحافي دوست نصر الله گڏاڻي جو نالو به نمايان ٿي آيو آهي.

پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ آواز اٿارڻ ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ، آزاد، حقيقي ۽ سچي صحافت ڪرڻ، انساني حقن جي تحفظ لاءِ اڳيان اچڻ، آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ جيڪو به اڳيان ايندو، ان لاءِ دنيا جهان جون جيڪي موجود مصيبتون آهن، اهي سڀ سامهون اچي وينديون. الميو ته هي آهي ته اسان وٽ جيڪا پارٽي اقتدار ۾ آهي ۽ جنهن وٽ نالي ماتر اقتدار جي پرچي آهي، سو پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي ۽ پاڻ کي هر اڇي ڪاري جو مالڪ تصور ڪري ٿو. هن ملڪ جا جيڪي اصل مالڪ آهن يا جيڪي پاڻ کي ملڪ سمجهن ٿا، تن ته خود باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي به نه بخشيو. جڏهن جناح صاحب 11 آگسٽ 1947ع تي “آئين ساز اسيمبلي” کي تاريخي خطاب ڪيو ته هن جي خطاب جي وڏي حصي کي ميڊيا ۾ شايع ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تنهن وقت بظاهر اهو ڪم چوڌري محمد علي پئي ڪيو. پر تڏهوڪي روزاني “ڊان” اخبار جي ايڊيٽر الطاف حسين وڏي همت ۽ جرئت سان ان کي شايع ڪيو. جناح صاحب جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ چوڌري محمد علي کي ڪهڙي سزا ملي؟ بلڪل هن کي تمام وڏيون “سزائون” مليون حڪومت ۾ اعليٰ عهدن جي صورت ۾. ان کانپوءِ هن کي مسلم ليگ جو صدر مقرر ڪيو ويو، ناڻي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو، دفاع جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو ۽ آخر ۾ وري 13 مهينن لاءِ ملڪ جو وزيراعظم پڻ مقرر ڪيو ويو. هاڻي اندازو ڪريو ته جنهن شخص جناح صاحب جي تقرير کي روڪڻ لاءِ وڏي سازش ڪئي، ان کي قانون مطابق پڪڙي ۽ ڪيس هلائي سزا ڏني وڃي ها، ڇو ته هن اهڙي سازش ڪنهن عام شخص يا فرد جي خلاف نه پر پاڪستان جي بانيءَ خلاف ڪئي هئي، جيڪو تنهن وقت ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور شخص هو. پر ان کي الائي ڪهڙي مفاهمت تحت نظرانداز ڪري نه صرف ڇڏيو ويو، پر هن کي ملڪ جا وڏي کان وڏا عهدا پڻ ڏنا ويا ۽ هن اهڙن عهدن جو فائدو وٺي ميڊيا ۽ صحافين جو آواز دٻائڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا نه ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا هوندا!؟

هاڻي اسان ان هڪ مثال مان آسانيءَ سان اندازو ڪري سگهون ٿا ته 1947ع کان وٺي 28 آڪٽوبر 1958ع يعني جنرل ايوب جي مارشل لا تائين ڪهڙي طرح ميڊيا، صحافين، سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي اڳواڻن جو آواز دٻايو ويو هوندو! وري مٿان جنرل ايوب خان مارشل لا هڻي “پريس ۽ پبليڪيشن آرڊيننس” جاري ڪري ويتر ان کي نپوڙي ڇڏيو. جنرل يحييٰ جي دور ۾ ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏيون ٿا، رڳو اوڀر پاڪستان ۾ جيڪو فوجي آپريشن ٿيو پئي، تنهن جي جيڪا رپورٽنگ اولهه پاڪستان ۾ ٿي رهي هئي، ان حوالي سان 15 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جي وڏي اخبار روزاني “ڊان” لکيو ته اوڀر پاڪستان تي فوج جو پورو ڪنٽرول آهي، سڀ شيون درست پيون ٿين، پاڪستان جي دشمنن ۽ باغين کي ختم ڪيو پيو وڃي. چوويهه ڪلاڪ به نه گذريا ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جي “عوامي جمهوري” دور ۾ ميڊيا، صحافي ۽ اظهار جي ڪيتري آزادي هئي جو امر جليل جهڙي ليکڪ جي ڪهاڻي “سرد لاش جو سفر” ڇاپڻ تي ان جي پبلشر طارق اشرف کي 22 مهينا قيد جي سزا ملي ۽ ان سان گڏ سنڌي زبان جي 12 کان 15 رسالن ۽ اخبارن تي بندش لاڳو ڪئي وئي. اردو ميڊيا جا ڪيترا رسالا ۽ اخبارون بند ٿيون، تنهن جو داستان الڳ آهي. ان کانپوءِ جنرل ضياءُ آيو ۽ ان جي آمريت ۾ ميڊيا جو آواز مڪمل طور دٻايو ويو، سوين صحافين کي قتل ڪيو ويو. سوين هزارين صحافين کي جيل ۾ بند ڪري انهن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. ضياءَ جي اهڙي ڪاري دور تي صحافين تمام گهڻا ڪتاب پڻ لکيا آهن. 1988ع کان ويندي 12 آڪٽوبر 1999ع تائين يعني بينظير صاحبه ۽ نواز شريف جي ٻنهي دورن ۾ پڻ ميڊيا ۽ صحافين جي آواز کي دٻايو ويو. مٿان جنرل مشرف آيو ۽ ان سان گڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا به اچي وئي. پر ٿوري وقت کانپوءِ مشرف ان تي سخت سينسرشپ لاڳو ڪئي. ايتري قدر جو ڪيترا چئنل بند ڪيا ۽ ڪيترن صحافين کي جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

مس مس جنرل مشرف مان جان ڇٽي ته اقتدار جون واڳون پيپلز پارٽي کي مليون. پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ آصف زرداري صاحب چيو ته  سڀ مسئلا سوشل ميڊيا سبب آهن، تنهنڪري فيس بُڪ کي بند ڪرڻ سان حڪومتي مسئلا حل ٿي ويندا، پوءِ مئي 2010ع ۾ ٻن مهينن لاءِ فيس بُڪ کي بند ڪيو ويو. پوءِ وري چيو ويو ته يوٽيوب جي ڪري ملڪ مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي، تنهنڪري يوٽيوب کي 2012ع کان ملڪ ۾ بند ڪيو ويو. انهيءَ ساڳي فيصلي کي نواز شريف جي نئين حڪومت به جيئن جو تيئن قائم رکيو. نيٺ 2016ع جي وچ ڌاري يوٽيوب تان اهڙي بندش لاٿي وئي. ان کانپوءِ ميان نواز شريف ۽ مريم نواز چيو ته فيس بُڪ ۽ ٽوئٽر مسئلي جي جڙ آهن، انهن کي بند ڪرڻ سان سڪون ٿي ويندو، پر هُو پنهنجي اهڙي سوچ کي عملي جامو نه پهرائي سگهيا، تنهنڪري انهن کان اهڙو “تاريخي” ڪم ٿيندي ٿيندي الائي ڪيئن رهجي ويو! پوءِ وري هر دلعزيز نئون پاڪستان ٺاهيندڙ عمران خان وزير اعظم ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس حڪومت کي احساس ٿيو ته سندس حڪومت هوندي ملڪ ۾ ڪو مسئلو ڪونهي، بس سوشل ميڊيا تي جيڪي حڪومت جا دشمن ويٺا آهن، اهي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ خبرون شيئر ڪن ٿا، جنهن سان حڪومت جو اميج خراب ٿئي ٿو، تنهنڪري انهيءَ کي جيترو سوڙهو ڪبو، اوتري حڪومتي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي، تنهنڪري هُن ماٺ ميٺ ۾ 21 جنوري 2020ع تي هڪ اهڙو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو، پر اها خبر وڌيڪ واضح انداز سان 12 فيبروري تي ميڊيا ۾ آئي ۽ پارليامنيٽ جي منظوري کانسواءِ سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو قانون حڪومت لڪ ڇپ ۾ منظور ڪري ورتو. انهيءَ قانون مطابق:

(1) سڀني سوشل ميڊيا ڪمپنين کي 3 مهينن جي اندر پنهنجي ڪمپني کي پاڪستان ۾ رجسٽر ڪرائڻ جو پابند بڻايو ويو.

(2) يوٽيوب، فيس بُڪ، انسٽاگرام، ٽوئيٽر، ٽڪ ٽاڪ ۽ ڊيلي موشن جون اسلام آباد م آفيسون کولڻ کي به لازمي قرار ڏنو ويو.

(3) سموريون ڪمپنيون هڪ سال جي اندر پنهنجو ڊيٽا سرور ٺاهڻ جون پابند هونديون.

(4) يوٽيوب چينل هلائيندڙن جي رجسٽريشن کي به لازمي قرار ڏنو ويو.

(5) سوشل ميڊيا تي تيار ٿيندڙ شين وارا هنڌ به لازمي رجسٽرڊ ڪرائڻا پوندا.

(6) اعتراض جوڳو مواد نه هٽائڻ جي صورت ۾ اٿارٽي ڪمپني خلاف ايڪشن کڻندي.

(7) سهڪار نه ڪرڻ تي سرور بند ڪيو ويندو.

(8) اٿارٽي هنگامي حالتن ۾ 6 ڪلاڪن اندر اعتراض جوڳو مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي.

(9) سوشل ميڊيا ڪمپنيون پاڪستان جي مذهبي، ثقافتي، نسلي ۽ قومي سيڪيورٽي جي نزاڪت کي سمجهڻ جون پابند هونديون.

(10) سوشل ميڊيا ڪمپنيون اهڙو نظام ٺاهينديون، جنهن تحت لائيو اسٽريمنگ کي به اوچتو ۽ هلندي بند ڪري سگهجي.

(11) قانون تي عمل نه ڪندڙ ڪمپني تي 50 ڪروڙ روپين جو ڏنڊ هنيو ويندو.

پر جيئن ئي عمران خان کي اقتدار مان ٻاهر ڪڍيو ويو ته هو آزاد صحافت جو سڀ کان وڏو دعويدار ٿيڻ جو اعلان ڪندو رهيو ۽ ڪري رهيو آهي. عوام عمران خان کان پڇي ٿو ته توهان جي دور حڪومت ۾ ميڊيا کي ڪيتري آزادي هئي؟ عمران خان جي پوڻن چئن سالن جي حڪومت ۾ ميڊيا ۽ صحافين تي سخت قسم جي سينسرشپ هئي. جڏهن عمران خان کي حڪومت ملي ته پاڪستان ميڊيا جي حوالي سان عالمي رينڪنگ ۾ 180 ملڪن مان 139 هين نمبر تي هو ۽ جڏهن عمران خان جي حڪومت ختم ٿي ته پاڪستان 157هين نمبر تي اچي ويو. هاڻي خيرن سان وري تمام وڏي تجربيڪار، جمهوريت لاءِ وڏيون تاريخي ۽ بي مثال قربانيون ڏيندڙ ۽ پنجون دفعو اقتدار ۾ اچڻ جو اعزار رکندڙ نواز ليگ کي پنجاب ۾ اچي فڪر ورايو آهي ته ميڊيا کي ڪنٽرول نه ڪيوسين ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ آزاد صحافت جو وجود نه رهندو. تنهن ڪري ان تڙ تڪڙ ۾ 21 مئي تي “هتڪ عزت بل 2024ع” اچي اسيمبلي ۾ متعارف ڪرايو. ياد رهي ته هن وقت پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز صاحبه آهي، جيڪا نه صرف نواز شريف جي ڌيءَ آهي پر وزير اعظم شهباز شريف جي ڀائٽي پڻ آهي. يعني پنجاب ۽ پاڪستان تي هن وقت نواز ليگ جي حڪومت آهي. پر مريم نواز کي پنجاب ۾ “هتڪ عزت” جو گهڻو فڪر آهي، ڇو ته اتي هن وقت “انصافي انقلابي” ۽ مٿي ڦرين صفا نئين پنجاب حڪومت جو مٿو چڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اها صفا آپي کان نڪري اچي “هتڪ عزت” واري اسٽيج تي پهتي آهي ۽ هاڻي اتي هوڏ ڪري بيهي رهي آهي ته ڪجهه به ٿي وڃي اسان “حلال” ڪري کائيندڙ آهيون، تنهن ڪري جيڪو ڪم چوڌري محمد علي، جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ، ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل ضيا، جنرل مشرف، آصف زرداري، نواز شريف، عمران خان ڪيو، اهو وري اسان ڪنداسين، ڇو ته اسان کي ان جي عيوض ڪجهه وقت لاءِ اقتدار مليو آهي. تنهن ڪري هڪڙي پاسي صحافت، ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ صحافين کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ هر حڪومت ڪارا قانون ٺاهي رهي آهي ته وري ٻئي پاسي نصرالله گڏاڻي جهڙن صحافين کي سرعام قتل ڪيو وڃي ٿو. وڏي ڳالهه ۽ وڏو مذاق هي آهي ته هتي صحافين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانون به ٺهيل آهن، جنهن ۾ “سنڌ جرنلسٽ تحفظ بل  2021ع” به شامل آهي. اهڙي بل جي موجودگي ۾ سنڌ ۾ عزيز ميمڻ، جان محمد مهر ۽ ٻيا ڪيترا صحافي قتل ٿي چڪا آهن ۽ هوڏانهن گذريل ڏينهن ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه فرمايو آهي ته جان محمد مهر ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. جان محمد مهر کي قتل ٿيندي سال ٿيڻ وارو آهي ۽ هيڏانهن ان سلسلي ۾ جيڪا “بي مثال ۽ تاريخي” اڳڀرائي ٿي آهي، سا به اسان سڀني جي سامهون آهي!