صادق فقير جي نالي ھڪ خط! … حجابي عشق کي تو اظهار جو نئون سليقو ڏنو هو!

0
81
صادق فقير جي نالي ھڪ خط! ... حجابي عشق کي تو اظهار جو نئون سليقو ڏنو هو!

پيارا صادق فقير!

تنهنجي آلاپ ۾ اچي شيخ اياز جي شاعري ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦلڙيون ڦلڙيون ڇاپ ٿيندي هئي. تنهنجي سرن ۾ جهڙالي جيءُ وارا انسان مئڪدي جي اداس سانجهي ۾ پيئندي پنهنجي سوچن  جي سنڌ ۾ ڪنهن تماچي جي سواگت لئه نورا پائي نوري کي نچندي ڏسندا هئا. عشق جي اڀن ڪاون تي هلندڙ نوجوانن جي هاسٽلن ۾ رات دير تائين تنهنجا گيت گونجندا هئا، تنهنجي سرن جي ميٺاج ۾ انهن کي محسوس ٿيندو هو ته، “هُوءَ ته  هلي ويئي آهي پر هُن جي وارن جي خوشبوءِ اڃان ويئي نه آهي، وڇاڻو اڃان گلن سان غرق آهي”. ڄام شوري جي پٿريلي پٽ تي سنڌ جون الهڙ جوانيون تو سان رهاڻ رچائڻ جي لاءِ آتيون هونديون هيون، تون انهن کي پنهنجي درديلي آلاپ ۾ شيخ اياز جي سٽن سان سمجهائيندو هئين ته جنهن سان محبت ٿي ويندي آهي، اهو ٻيو رهندو ناهي. محبت ۾ ٻيو سوچڻ وڏو ڏوه آهي. انهن رس ڀريل رهاڻين ۾ شيخ اياز جي شاعري جي اوت ڪندي تو کي ميران جي ڪوتا به ياد ايندي هئي، تون باجي تي هٿ روڪي چوندو هئين ته، “هڪ دفعي راڌا ڪرشن کان پڇيو ته ڪرشن تون پيار مون سان ٿو ڪرين ۽ وري تو شادي رڪمڻي سان ڪئي آهي، ته ڪرشن جواب ڏنو ته راڌا، شادي ٻن جيون جي وچ ۾ ٿيندي آهي. پاڻ ۾ ٻيو ڪير آهي؟” انهي ڪهاڻي جي تمهيد سان تنهنجا چپ ترنم ۾ چرندا هئا ته.

“تمري ڪارڻ سب سک ڇوڙيا،

اب موهي ڪيون ترساوو،

ميران داسي جنم جنم ڪي،

انگ سين انگ لگائو ”

ائين حجابي عشق کي تو اظهار جو نئون سليقو ڏنو هو. هاڻي انهن عاشقن  جو ڇا ٿيندو، جن وٽ محبوب جي مرڪ جي مسرت ماڻڻ جو واحد ذريعو تنهنجي سر ۾ شيخ اياز جي شاعري هئي.

تنهنجي ذات ۾ ڪٿي ٺٺ ٺانگر ۽ پاڻ پڏائڻ جو رويو نه هو، تو ڪڏهن موت جي باري ۾به نه سوچيو هو، تنهنجو سدائين زندگي ۾ اعتبار رهيو، تو فن ۽ عشق جو گڏيل سفر شروع ڪيو هو.

مٺڙا صادق! موت جو تيز طوفان زندگي جا ديپ اجهائي سگهي ٿو پر فن جي فانوس کي لوڏي به نٿو سگهي. تون پنهنجي محبوب شاعر وانگر ڪشمور کان ڪارونجهر تائين ڦهليل سموري سنڌ جو راڳي هئين. تنهنجي اندر ۾ ٿر به هو ته ڪاڇو به هو. لاڙ جي سارين جي خوشبوءِ هئي ته لڪيءَ جا چشما به هئا. ڪارونجهر جي ارڏي آتما هئي ته تنهنجي من ۾ مالڻهور ويڻا جا بي چين مور به مٽڪو ڪندا هئا. تنهنجي سرن ۾ کيرٿر جا گڊ ڇال هڻندا هئا ته روه جي ڪونجن جي گونج به ٿيندي هئي. تون رمتي بادل جو روپ هئين ته ٿر ٻاٻيهي جي تڙپ به هئين.

شيخ اياز جي شاعري وانگر تو پنهنجي سُرن جي لاءِ ڪائي حدبندي نه رکي هئي. تو ديس پرديس ۾پنهنجي مداحن سان درد جو اهڙو رشتو جوڙي رکيو هو، جيڪو رت جي رشتي کان به گهرو آهي. انهيءَ رشتي ۾ ڪوئي تنهنجي من ۾ چنڊ ٿي رهيو، جنهن جي لاءِ تو وٽ آڌي اڪير رهندي هئي. تون ديس پرديس ۾ اتاولو ٿي ڳائيندو هئين ته،

سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سِوا نه ٿيندي،

اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ، ڇو ته ٻي رات ڪا نه ايندي.

انهيءَ ڪيفيت ۾ تو کي جگجيت جو اهو گيت پڻ ڏاڍو وڻندو هو ته، “هم تو هين پرديس ۾، ديس ۾ نڪلا هو گا چاند”. تون بي اختياري ۾ جڏهن جهونگاريندو هئين، تڏهن تنهنجون اکيون لڙڪن جي لڙهندڙ منظرن ۾ ٻڏي وينديون هيون پر تون ڪنهن کي محسوس ٿيڻ نه ڏيندو هئين. هاڻي تنهنجي چاهيندڙن جو اکيون لڙڪن ۾ ٻڏي رهيون آهن. هو پنهنجي گهرن جي پڌرن تي اڪيلا آهن، ٿر جي ڀٽن تي جڏهن چنڊ اڀري ٿو ته چنڊ کي منٿ ميڙ ڪري چون ٿا ته،

چنڊ! پرينءَ کي پرچائي ڏي، مون سان ڪيئن رُٺو!

تون ئي چئه مون ساريون راتيون ڪائي ننڊ ڪئي

پر چنڊ به چيو نٿو ڪري، اندر جي بيقراري وڌي رهي آهي. اندر جي جذبن کي سرن جو ويس ڏيندڙ فنڪار ناهي رهيو. ڪراڙ جي ڪنڌي تي ميڻ بتيون جهيڻيون جهيڻيون ٻرن ٿيون. روشني ۾ چٽاڻ نه آهي. توبن ڪهڙا اوجيس اندر کي روشن ڪندا. سرن ۾ سوز نه آهي توبن ڪهڙا سُر ساز روح کي راحت ڏيندا. وڇوڙي جو ڏک اڏوهي آهي، سُري جيان هڏي کي کائيندو آهي پر انهي ديوانگي جي دلبري ته ڏس هر دل چري چوي ٿي ته مان ٻيهر توسان ملندس. خبر نه آهي ڪٿي، ڪيئن، ڪهڙي ريت پر توسان ٻيهر ملندس

تون اهو ڄاڻندو هئين ته شيخ اياز “ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو” جهڙي سٽ ڇو لکي هئي؟ تو شيخ اياز جي شاعري جي آڌار انسان جي فڪري ۽ ثقافتي سرمايي کي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. تنهنجا سمورا سُر انسان ذات جي امر ورثي جي لاءِ آهن. تون سڀ ۾ پرين پسندو هئين. تنهنجي سرن ۾ تنگ نظري ۽ تعصب جي خلاف مزاحمت هئي. تو انسانيت جي پوئين پڪار کي آواز ڏنو هو. تون شيخ اياز جي ٻولن ۾ چوندو هئين ته،

تنهنجا پير ڇُهان، ڌرتي منهنجي مائڙي

ڀاڪر پايان ڀاوَ مان، ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،

آئون نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.

تنهنجي سرن ۾ وطن جي مٽي مهڪندي هئي، ويساه جي لاءِ واٽون گهڙجنديون هيون. تو دانشورن جي دليل بازي کان وڌيڪ چٽو سادن سرن ۾ شيخ اياز کي عام ماڻهو تائين پهچايو هو.

هيءَ سَينَ نه ڏيندي چَينَ، اُٿي ڏِسُ! ڪوئي آيو آ پيارا

هي شايد ساڳيو رَمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا

هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ “اياز” نه مرڻي آ،

آخر هيءَ رات گذرڻي آهي، تو ڇو گھٻرايو آ پيارا!

تنهنجي انهيءَ ويساه ۽ اتساه تي تاريخ جا ارڏا پٽ آس نراس جي آرسي ۾ سجل نيڻن ۽ سنهڙن چپڙن تان روح پلي قيد خانن ۽ ڦٽڪن جي راه چونڊڻ کي اوليت ڏئي پنهنجي وطن سان سچائي جا قسم تنهنجي سرن جي ساک سان کڻندا هئا. تون ضميرن تان زنگ لاهيندڙ هئين. تنهنجي آواز کي ٻڌي تنهنجي محبوب شاعر تنهنجي آواز کي آمريڪي ڳائڻي پال رابسن سان ڀيٽيو هو ۽ چيو هو ته صادق کي ٻڌي مون کي احساس ٿيو ته ڪيترو وقت آئون جنهن ڳائڻي جي تلاش ۾ رهيو آهيان، مون کي ملي ويو آهي، منهنجي شاعري ۾ هڪ اندروني ترنم آهي، ۽ مان ان تي ئي اڪتفا ڪندو هوس، زندگي ۾ پهريون ڀيرو مون محسوس ڪيو ته هڪ موثر آواز منهنجي شاعري جي لاءِ ڪيترو نه ضروري آهي.

پيارا، گڍي جي ڀٽ تي بيهي تون  پنهنجي  شھر  مٺيءَ کي ايئن  ڏسندو هئين، جيئن روپا ماڙي کي دودو ڏسندو ھو. انهيءَ گڍي ڀٽ جي لاءِ تنهنجي محبوب شيخ اياز چيو هو ته؛

باک ڦٽي ٿي مٺيءَ تي

ڀٽ ڀٽ آ ڳاڙهي گلاب جيان،

هن ديس جي خواب جيان

هاءِ اسڪول مٺي جي گرائونڊ جي ڀر سان مٺي جي پراڻي تاريخي قبرستان ۾ تنهنجو والد صاحب فقير فيض محمد، تنهنجو مامو ۽ استاد حسين فقير اڳ ۾ آرامي آھن. تون انهن جي ڀرسان مٺي ابدي ننڍ ستل آھين. تنهنجي انهيءَ اباڻي قبرستان ۾ ٻيرين جا گهاٽا وڻ ۽ پکي به آهن. تنهنجي محبوب شاعر چيو هو ته،

اٿي اسر ويل جو لڏائي لامن،

پکي اڏامن، اتي مون کي پورجو.