سنڌ اسيمبليءَ جي گئلريءَ مان … اسپيڪر جوڙي جي چونڊ ۽ ذڪر ٿاٻڙجي ڪِرندڙ ميمبرن جو!

0
93
سنڌ اسيمبليءَ جي گئلريءَ مان ... اسپيڪر جوڙي جي چونڊ ۽ ذڪر ٿاٻڙجي ڪِرندڙ ميمبرن جو!

 سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڊائيس آڏو ٻن ڏاڪڻين پيپلز پارٽي جي ٻن سينيئر اڳواڻن کي ڪيرائي وڌو. گذريل ڏينهن جن ڏاڪڻين تان ترڪي فريال ٽالپر ڪِري پئي، اڄ وري انهن ئي ڏاڪڻين مان سنڌ اسيمبلي جو سينيئر ترين ۽ عمر ۽ ايم پي اي جي مدي ۾ سينيئر ترين قائم علي شاهه به ترڪي ڪري پيو. فريال ٽالپر کي بچائڻ لاءِ ته پ پ جا ڪيترائي ايم پي ايز مرد ۽ عورتون ڊوڙندا آيا پر قائم علي شاهه کي صرف سنڌ اسيمبليءَ جي عملي ئي ٻانهن مان جهلي اٿاريو. پنهنجي تقريرن ۾ سدائين اسيمبلي اندر ٽهڪ وکيريندڙ قائم علي شاهه جڏهن اسپيڪر لاءِ اويس قادر شاهه کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ويو ته پير نه جهلي سگهيو ۽ ترڪي پيو. سندس پاسو وڃي فرش تي لڳو. قائم علي شاهه جي ڪِرڻ تي يقينن ڪجهه ايم پي ايز کي افسوس ٿيو هوندو پر هال جي اندر هڪڙو ٽهڪڙو به گونجيو. سائين قائم علي شاهه پاڻ ڪِري به ٻين جي مُکن تي مرڪون وکيريون.

                 سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سڏايو ويو هو. وڏي عرصي کانپوءِ اويس قادر شاهه نالي نوجوان 111 ووٽ کڻي اسپيڪر ٿيو ۽ 10 سالن تائين هن ڪرسيءَ تي براجمان ٿيل آغا سراج دراني اسپيڪر جي ڪرسي ڇڏي اچي ايوان ۾ ميمبرن سان گڏ ويٺو. هونئن ته هن اسيمبليءَ ۾ مظفر شاهه کان وٺي نثار کهڙي تائين، اهڙا اسپيڪر به رهيا، جن کي ميمبرن وڃڻ بعد نه وساريو پر آغا سراج دراني جو دور سردين ۽ گرمين وارو رهيو، ڪڏهن پنهنجي پارٽي سان ناراض ٿي نصرت سحر عباسي يا حليم عادل جهڙن کي مائيڪ ڏئي موقعو ڏيندو هو ته اهي مراد علي شاهه يا پ پ سرڪار جون کلون لاهين يا وري ڪڏهن اپوزيشن تي به ناراض ٿي انهن جا آواز بند ڪرائي هنن کان ڳالهائڻ جو جمهوري حق به کسي وٺندو هو.

آغا سراج دراني جو والد به هن اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو. گذريل ڏينهن جڏهن آغا سراج دراني اسپيڪر جي ڪرسي تان لهي ايوان ۾ اچي ويٺو ته مراد علي شاهه کيس مبارڪون به ڏنيون ۽ خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن آغا سراج ۽ سندس والد هن اسيمبلي جا اسپيڪر رهيا، ائين منهنجي به خواهش هئي ته منهنجو والد هن اسيمبلي جو اسپيڪر هو ۽ آئون به اسپيڪر ٿيان، پر مون کي اهو موقعو اڃا ناهي مليو. منهنجي خواهش ته اڳيان هلي اهو ڪڏهن موقعو ملي ۽ آئون به هن اسيمبلي جو اسپيڪر ٿيان.

اسيمبلي جي اسپيڪر شپ کي هتان جا ايم پي اي هيڊ ماستري يا ڪلاس جو مانيٽر سڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته اهو مٿي جو سور ملڻ کان بهتر آهي ته ڪا وزارت ملي ته بهتر آهي. چون ٿا ته پارٽي قيادت جنهن تي ناراض هوندي آهي ته انهن کي وزارت ڏيڻ بدران اسپيڪر شپ ڏيندي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت بعد نثار کهڙو وڏ وزارت جو اميدوار هو پر آصف علي زرداري جي گُڊ بُڪس ۾ نه هجڻ سبب کيس اسپيڪر شپ ڏني وئي. اهڙي ريت وري جڏهن آغا سراج جو وارو آيو ته ان کي به ڪا وزارت ڏيڻ بدران اسپيڪر بڻايو ويو. ساڳي ريت هاڻ جڏهن چون ٿا ته خورشيد شاهه پارٽي اندر وڏ وزارت لاءِ ضد ڪيو ته ان کي به ڪا منسٽري ڏيڻ بدران سندس ڀائيٽي اويس قادر کي اسپيڪر شپ ڏني وئي. خورشيد شاهه اسيمبلي جي گيلري اندر ويهي اويس شاهه جي اسپيڪر واري چونڊ اکين سان ڏٺي. گڏوگڏ اويس قادر جو والد پڻ خورشيد شاهه سان گڏ گيلري ۾ موجود رهيو.

اسيمبلي جي هن اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني کان جڏهن حلف کڻايو ويو ته اهو حلف نامو به صرف مسلمانن لاءِ ٺهيل هو، جنهن ۾ هن کان ڪلمي پاڪ جي پاسداري ۽ دين اسلام سان وفا جو وچن ورتو ويو. ان وقت اسيمبلي گئلري ۾ موجود ڪيترن ئي صحافين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪرسچن ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ڪنهن ماڻهوءَ کان حلف ورتو وڃي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ جائز ترميم لازمي هجڻ گهرجي. خير نديم انٿوني خوش هو ۽ پنهنجي ڪرسچن ڪميونٽي جا ڪيترائي ماڻهو وٺي آيو هو. گهٽ ۾ گهٽ اهو اعزاز سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڃي ٿو ته جنهن ڊپٽي اسپيڪر جي اهم عهدي تي انتهائي پوئتي پيل ڪميونٽي کي جاءِ ڏني آهي.

سنڌ اسيمبلي جي هن اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جا حمايت يافته 10 ميمبر پڻ شريڪ ٿا ۽ انهن حلف کنيو، پر اڄ به جي ڊي اي جا ميمبر غير حاضر رهيا. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي فريال ٽالپر پ پ جي جهنڊن وارو مفلر پارايو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرن عمران خان جي حق ۾ نعرا هڻندا رهيا ۽ پارٽي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن کي “لوٽو لوٽو” چوندا رهيا.