شھدادپور ۾ يتيم نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش

0
350
شھدادپور ۾ يتيم نينگري

شهدادپور (رپورٽر) شھدادپور ۾ يتيم نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪوس گهر پاڙي ۾11ورهين جي يتيم نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي

ان سلسلي ۾ نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته گهر جو سيڌو وٺڻ لاءِ ويل نياڻيءَ کي پاڙي جي ٻن جوابدارن اوطاق ۾ کڻي زيادتي جي ڪوشش ڪئي

وارثن موجب نياڻيءَ جي رڙين تي پهتاسين ته جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري

پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وارث ايندا ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو

ذريعن موجب بااثر وارثن تر دٻاءُ وجهي معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ ۾ رڌل آهن

هي به پڙهندا

ملير جي قائدآباد واري علائقي ۾ معصوم نينگري زيادتي بعد قتل، اي ايس آءِ ۽ وڏو منشي معطل