شھدادپور ڀرسان جهيڙي ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان مرڻينگ

0
123

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان جهيڙي ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان مرڻينگ،ڳوٺ خداداد ڪپري ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب 18 ورهين جو نوجوان منور خاصخيلي زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، زخمي نوجوان ڀاءُ اعجاز جو چوڻ آهي ته 5 سال اڳ اسماعيل خاصخيلي کان 2 لک ۾ پلاٽ خريد ڪيو هو، لِکت هئڻ باوجود هاڻ جهيڙو ڪري قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، سندس چئن پٽن حملو ڪري مٿن فائرنگ ڪري ڏني ۽ ڀاءُ منور زخمي ٿي پيو، واقعي جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي.