شڪارپور(رپورٽر) 2 ڏينهن اڳ شڪارپور پوليس پاران سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد چوئي شاخ واري علائقي مان بارودي مواد سميت پڪڙيل داعش جي ٽن دهشتگردن خالد محمود عرف امير حمزه پندراڻي، صديق بروهي ۽ عثمان بروهي مٿان سرڪاري مدعيت ۾ سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، شروعاتي جاچ دؤران گرفتار دهشتگردن 21 رمضان واري ڏينهن تي شڪارپور جي ڪنهن امام بارگاھ تي حملي جو منصوبو جوڙڻ جو انڪشاف ڪيو آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته دهشتگردن امام بارگاهن ۽ شيعا برادري کي نشانو بنائڻ جو پلان جوڙيو هو، ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا جو چوڻ ھو ته شروعاتي جاچ ۾ دهشتگردن اهم انڪشاف ڪيا آھن باقي کائن جاچ جو دائرو وڌائي رهيا آهيون ۽ شڪارپور کي وڏي سانحي کان بچائي ورتو آهي، ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ڳجهن ادارن جي مدد سان شڪارپور پوليس ڄاڻايل دهشتگردن کي گرفتار ڪري سندن وٽان بمن ۽ هٿيارن سميت وڏي مقدار ۾ بارودي مواد هٿ ڪيو هو.