شڪارپور (رپورٽر) تيغو خان تيغاڻي شڪارپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سخت سيڪورٽي ھيٺ پيش، 6 ڏينھن جي رمانڊ تي جيل حوالي، تيغو تيغاني جو چوڻ آهي ته ڪشمور ضلعي جا سياستدان کيس اسڪرين تان ھٽائڻ چاھين ٿا، خبر موجب گذريل ڏينھن گرفتار ڪيل تيغو خان تيغاڻي کي شڪارپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سخت سيڪيورٽي هيٺ پيش ڪيو ويو، تيغو خان تيغاڻي کي عدالت 6 ڏينھن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي ٻئي ٻڌڻي 9 جون تي ٿيندي، ان موقعي تي تيغو خان تيغاڻي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪشمور ضلعي جا سياستدان کيس اسڪرين تان ھٽائڻ چاھين ٿا، پ پ جي صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي ۽ عابد سندراڻي جي خواھش آھي ته آئون جيل ۾ ھجان ۽ ھو آرام سان سياست ڪن، ھن چيو ته سندس سياسي بنيادن تي گرفتاري ڪئي وئي، پوليس سياسي ونگار وھي رھي آھي، هن چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد آھي، هن جو چوڻ ھو ته پوليس ھن وقت تائين ڪو به بيان نه ورتو آھي، جڏھن ڪراچي کان گرفتار ڪيو ويو مون کي خبر ئي نه ھئي ته گرفتار ڇو ڪيو ويو آهي، ھن وڌيڪ چيو ته سياستدان لوڙائين ٿا، مان ھنن کان برداشت نٿو ٿيان، تيغو خان تيغاڻي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران عدالت ٻاھران سون جي تعداد ۾ ماڻھو پهتل هئا، جن مٿس گلن جي ورکا ڪئي، تيغو خان کي جڏھن عدالت آندو ويو ته کيس ھٿڪڙيون لڳل هيون ۽ هو جيئن ئي اندر داخل ٿيو ته پوليس سندس هٿڪڙيون کولي ڇڏيون.