شھدادپور (ن پ ا) منشيات الزام هيٺ گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيل جوابدارن سعيد قريشي، سليمان سومرو ۽ حسين بخش حاجاڻو طرفان وڪيلن معرفت داخل ڪرايل ضمانت وارين درخواستن تي اسسٽنٽ سيشن جج غلام مرتضيٰ ميتلو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪندي ڄاڻايل ٽنهي جوابدارن جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.