لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي قومي ٽيم جي نائب ڪپتاني قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، پي سي بي سليڪشن ڪميٽي شاهين آفريدي کي نائب ڪپتاني جي آڇ ڪئي هئي، جڏهن ته شاهين آفريدي قومي ٽيم جي نائب ڪپتاني قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي. ياد رهي ته قومي ٽيم لاءِ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم آهي، جڏهن ته پي سي بي طرفان اڃا تائين نائب ڪپتان جو اعلان ناهي ڪيو ويو. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پهرين جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿي رهيو آهي ۽ ذريعن موجب شاهين آفريدي جي انڪار کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان قومي ٽيم جي نائب ڪپتان لاءِ مضبوط اميدوار آهي جڏهن ته پي سي بي وٽ شاداب خان جي صورت ۾ هڪ وڌيڪ آپشن پڻ موجود آهي.