لزبن (انٽريسٽنگ نيوز): ماحوليات جو شعور رکڻ ۾ سرگرم ماڻهن پرتگال جي سڀ کان وڏي شهر مان سگريٽن جي 650000 ٽوٽن کي جمع ڪري عوام کي ماحولياتي شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لزبن ۾ ڇهه لک کان وڌيڪ سگريٽ جا ٽوٽا هڪ هنڌ جمع ڪيا ويا ته ڄڻ هڪ جبل ٺهي ويو. هي سمورا ٽوٽا 40 بالٽين ۾ ڀري سگهجن ٿا. رضاڪارن موجب انهن کي جمع ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته عوام کي هڪ اهڙي مسئلي جو شعور ڏيو وڃي، جنهن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي، سگريٽ جا ٽڪڙا عام طور تي ضايع ناهن ٿيندا ۽ سالن جا سال ماحول ۾ موجود رهندا آهن.  ان موقعي تي 34 سالن جي ٽيم ليڊر اينڊرياس نو ٻڌايو ته سگريٽ جي منهن ۾ رکڻ واري حصي ۾ پلاسٽنگ هوندي آهي ۽ اهو زهريلو هوندو آهي. ان کي ماحول ۾ ڦٽو ڪري اسان هر جڳهه آلودگي ڦهلائي رهيا آهيون. هن چيو ته مون پوري شهر کي درخواست ڪئي آهي ته اهي ڪنهن به طرح سگريٽ جي ٽڪڙن کي ڦهلائڻ کان روڪين ڇو ته اهو پهريون قدم آهي، جنهن تحت اسان ماحول جي صفائي ممڪن بڻائي سگهون ٿا. ان کان اڳ اينڊرياس سگريٽ جا ڏهه لک ٽڪڙا جمع ڪري چڪو آهي. سندس موجب سگريٽ جا ٽڪڙا خشڪي سن گڏوگڏ سمنڊ کي به آلوده ڪري رهيا آهن.