حيدرآباد پوليس جا شڪي مقابلا: وڌيڪ 3 نوجوان اپاهج ڪري ڇڏيا

0
458

حيدرآباد پوليس هڪ ئي رات ۾ٽن  شڪي مقابلن ۾ 3 ڄڻن کي  هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي

سٽي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گشت دوران پئٽرول پمپ  وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڄڻو سرور  اوڏ زخمي ٿيو سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا

فورٽ پوليس موجب ٽائر مارڪيٽ وٽ مقابلو ٿيو، فائرنگ ۾  اجمل راجپوت زخمي ٿيو ساٿي فرار  ٿي ويو، جڏهن ته ڦليلي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جڙيل شاهه قبرستان وٽ هڪ ڄڻو  يونس راجپوت زخمي ٿيو

پوليس ترجمان موجب ڏوهارين جي قبضي مان ٽي ٽي  پستول ۽ موٽرسائيڪل ملي آهي