سکر ۾ اسپيشل برانچ جي اهلڪارن پاران بدلي خلاف مظاهرو

0
532

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ اسپيشل برانچ جي اهلڪارن پاران ڊي آءِ جي رينج آفيس بدلي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، سندن چوڻ آهي ته سکر مان 28 ۽ پوري سنڌ مان 193 اهلڪارن کي بدلي ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ طرفان ضلعن ۾ مقرر اهلڪارن کي بدلي نه ڪرڻ جو حڪم ڏنل آهي، ان باوجود ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ عرفان بلوچ کين بدلي ڪيو آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته رينج ۾ بدلي ٿيڻ سبب هن مهيني جي پگهار به ناهي ملي سگهي، پگهار نه ملڻ سبب ٻچن کي عيد جي خريداري به ناهيون ڪرائي سگهيا، اسپيشل برانچ ۾ پگهارون هلندڙ هيون بلاجواز رينج ۾ بدلي ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ جي حڪم تحت کين اسپيشل برانچ سکر جي بدلي ڪيل اهلڪارن کي ٻيهر اسيشل برانچ سکر ۾ مقرر ڪيو وڃي.