جهول:نينگر سان مبينا زيادتي، پوليس ۾ حد جو تڪرار، حد ماپڻ لاءِ تپيدار طلب

0
332

جھول (ن پ ا) جهول ۾ ٻه ڏيهن اڳ يتيم نينگر سان زيادتي واري معامري جي ايس ايس پي سانگهڙ طرفان نوٽيس وٺڻ بعد ٻن ٿاڻن جي پوليس وچ ۾ حد جي تڪرار تي حد ماپڻ لاءِ تپيدار کي طلب ڪيو ويو آهي، دلور موري واري علائقي ۾ معصوم نينگر عيدن سهتو سان ٻن ڄڻن پاران زيادتي ڪرڻ ۽ پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ جو ايس ايس پي سانگهڙ فرخ لنجار نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏيندي ڦوري طور تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته باگو وداداڻي ۽ ڄام نواز علي پوليس وچ ۾ حد جو تڪرار شروع ٿي ويو، باگو وداداڻي جي انچارج ذوالفقار نظاماڻي جو چوڻ آهي ته واقعي وارو هنڌ اسان جي حد ناهي، جڏهن ته ڄام نواز علي جي ايس ايڇ او الهوڌايو زرداري جو چوڻ آهي ته اها باگو وداداڻي ٿاڻي جي آهي، ڪهڙي ٿاڻي جي حد آهي ان حوالي ساين تپيدار گهارايا ويا آهن جيڪي حد ڪڇي ٻڌائيندا ته ڪهڙي ٿاڻي جي حد آهي، جڏهن ته اڃان تائين ڪيس به داخل ن ٿي سگهيو.