سچ، سوشل ميڊيا ۽ سنڌ

0
112
سچ، سوشل ميڊيا ۽ سنڌ

 اڄ ڪلھ اسان وٽ ڪافي ماڻھو سچ بابت ڏاڍي مونجھاري جو شڪار نظر اچي رھيا آھن. ھڪڙا چوندي نظر ايندا ته اسان ڪنھن کان به ناھيون ڊڄندا. سچ منھن تي چئي ڏيندا آھيون. ٻيا چوندا ته سچ ڳالھائڻ جو زمانو ئي ناھي رھيو. ٽيان چوندا ته سچ ڳالھائڻ وارو سدائين نقصان ۾ رھندو آھي. سچي ماڻھوءَ مان سڀ بيزار ھوندا آھن. سچ ڳالھائڻ سان سڀئي تعلق ٽُٽي ٿا وڃن. حقيقت اھا آھي ته اڪثر ماڻھو ٻين جي بيعزتي ڪري، انھن کي گھٽ وڌ ڳالھائي، ماڻھن سان بدتميزي ڪري مٿان وري اھو سمجھندا آھن ته ھو سچ پيا ڳالھائين. اھو سچ ڳالھائڻ آھي ئي نه، اھا بد اخلاقي ڪرڻ آھي. اھڙا ماڻھو تمام جذباتي ٿيندا آھن ۽ گھٽ علم رکندڙ ھوندا آھن.

                 اھڙا سچ جا دعويدار ماڻھو وري اڪثر پاڻ بابت ھڪ لفظ بہ ٻڌي نه آھن سگھندا. جڏھن اوھان پاڻ کي سچو ٿا چئو ته سچ ٻڌڻ جو به ته پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪريو! ان بابت ڪير اشاري ۾ به ڳالھ ڪري ته جذباتي ٿي انھن کي پنھنجو دشمن سمجھڻ لڳندا آھن. سچو ماڻھو ته اھو آھي، جيڪو پاڻ بابت سچ ڳالھائڻ جي ھمت رکي. ٻين جون خاميون ٻڌائڻ بدران چوي ته مون ۾ ھي خاميون آھن. اھا ھوندي پوءِ اصل بھادري ۽ سچ ڳالھائڻ. ھونئن به سچو ۽ کرو ماڻھو اھو ناھي ھوندو، جيڪو پاڻ چوي ته مان سچ ڳالھائيندو آھيان پر اھو آھي، جنھن کي ٻيا سچو، کرو ۽ ايماندار ماڻھو چون. اھڙا حقيقي سچا ماڻھو وري پاڻ کي ڪڏھن به سچو نه آھن چوندا پر دنيا انھن کي ھميشه سچو چوندي، لکندي ۽ سمجھندي آھي. سچ ھونئن به ھڪ “رليٽِو ٽرم” آھي. ھر ماڻھو پاڻ کي سچو ئي سمجھندو آھي. طالبان جو سچ ڪجھ ٻيو آھي، ترقي پسندن جو ڪجھ ٻيو. سو رڳو سچ لفظ استعمال ڪرڻ ڪافي ناھي. اھو به ممڪن آھي ته اڄ جو سچ سڀاڻي جو سچ ئي نه رھي!

سڀ کان سٺو رويو ماڻھن جي اصلاح ڪرڻ ھوندو آھي. پر اصلاح ۽ تذليل ۾ فرق آھي. اصلاح ٽوڪ سان ناھي ٿيندي. چوندا آھن سڀني جي سامھون ڪيل نصيحت به ٽوڪ ئي ھوندي آھي ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪيل ٽوڪ به نصيحت بڻجي ويندي آهي. جيڪڏھن اوھان کي ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪا خرابي يا ڪوتاھي ٿي نظر اچي ته اھا ڳالھ ان کي پنھنجي منھن سان سمجھايو. اھا به سمجھڻ جي ڳالھ آھي ته ڪو به انسان فرشتو ناھي ھوندو. ھر ماڻھوءَ ۾ ڪا نه ڪا خرابي موجود ضرور ھوندي، تنھنڪري ڪيڙا ڪڍڻ وارو ماڻھو جيڪڏھن ڪنھن جي ڪا غلطي ڪڍي به اچي ٿو ته ان ۾ ڪوئي ڪمال نه ٿو ڪري. تنقيد ڪرڻ، گار گند ڪرڻ، ڪنھن تي کلڻ ته تمام سولي ڳالھ آھي. ڏکي ڳالھ ماڻھن سان پيار ڪرڻ، کين عزت ڏيڻ، برداشت ڪرڻ ۽ سندن ساراھ ڪرڻ آھي، جنھن سان ماڻھن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو اتساھ پيدا ٿي سگھي.

اڄ ڪلھ جيئن ته سوشل ميڊيا جو زمانو آهي، ان لاءِ اھو سمجھڻ تمام ضروري آھي ته سوشل ميڊيا تي نالا کڻبا ئي نه آھن. جي ڪنھن جو نالو کڻي کيس گھٽ وڌ ڳالھائبو ته ظاھر آھي ان سان جھيڙو ئي ٿيندو، دشمنيون پيدا ٿينديون. سوشل ميڊيا تي ھميشه ڳالھ مجموعي انداز سان ڪئي ويندي آهي پر اھا ڳالھ سمجھڻ ۾ ماڻھن کي اڃان گھڻو وقت لڳندو. سوشل ميڊيا ايئن آھي، جيئن اوھان لائوڊ اسپيڪر تي ٿا ڳالھايو يا اوھان ھڪ اسٽيج تي بيٺا آھيو ۽ اوھان اڳيان سوين ماڻھو بيٺا آھن. اتي اوھان ڇا ڳالھائيندو؟ ڇا اھو چوندو ته فلاڻو ڪنو، ڪوڙو يا خبيث آھي؟ ظاھر آھي اوھان ھڪ فضيلت واري ٻولي ئي ڳالھائيندو. شڪايت به مھذب انداز سان رکڻي پوندي. سوشل ميڊيا تي نه جذباتي ٿبو آهي، نه ذاتيات تي ڳالهائبو آهي، نه ئي گھٽ وڌ ڳالھائبو آھي، فقط مھذب انداز سان موضوع تي ڳالھائبو آھي.

ھڪڙا ماڻھو وري اھو چوندي نظر ٿا اچن ته اڄ ڪلھ ڀلائي جو زمانو ئي ناھي رھيو. جھڙو ٻيا ھلندا، اسان به ساڻن تيئن ئي ھلنداسين. جي ڪير اسان جي پرواھ نه ٿو ڪري ته اسان سندن ڇو ڪريون؟  پر ڀٽائي چوي ٿو:

چَڱَنِ  سان  چَڱايون، اِيئَن  سَڀِڪو  هوءِ،

تو جِئن ڪَري نَه ڪوءِ، بُڇَن سان ڀَلايون.

چڱن سان چڱو ھلڻ ته ڪا وڏي ڳالھ آھي ئي ڪانه. ايئن ته ھر ڪوئي ڪندو آھي. وڏي ڳالھ ته تڏھن ٿيندي، جڏھن توھان سان ڪير خراب ھلي، پوءِ به اوھان ان سان سٺو ھلو. ٻين جي خراب وھنوار ڪري جيڪڏھن سٺا ماڻھو به خراب رويا اختيار ڪرڻ شروع ڪندا ته پوءِ ته سڄو ئي معاشرو خراب ٿي ويندو. ڀٽائي سمجھائيندي چوي ٿو،

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن

ھر انسان جي طبيعت الڳ ٿيندي آھي، سو انسان کي ٻين جون برايون ڏسي پنھنجو وڙ وڃائڻ ڪڏھن به نه گھرجي.

جَنين ساڻَسُ وير، ٿِئي تَنين جو واھرو،

اڃان به ھڪ قدم اڳتي وڌي ٿو چوي ته جن جي توھان سان دشمني آھي، انھن جا به رھنما بڻجو. ڀٽائي پڙھڻ ۽ سمجھڻ ان ڪري به تمام ضروري آهي، جو ھو انسان جي تربيت ٿو ڪري.

ھاڻي ته اسان جي معاشري جي صورتحال ايڏي عجيب ٿي وئي آھي، جو اڳي جيڪي صوفي ھوندا ھئا، تن جو اندر اجرو ھوندو ھو. پيار، محبت، درگذر، قرب جو درس ڏيندا ھئا. ھاڻي ته عجيب قسم جا صوفي پيدا ٿي پيا آھن، جيڪي سڄو ڏينھن نفرتون، جھيڙا، تعصب، تذليلون، سازشون، پروپيگنڊا ۽ ماڻھن جي گلا ويٺا ڪن. ڪڇ ۾ ڀٽائيءَ جو رسالو ۽ وات ۾ باھيون اٿن. صوفي جو ايمان ئي اھو ٿيندو آھي ته ڪنھن جي دل نه رنجائجي. ھي وري سڄو ڏينھن ماڻھن تي ويٺا ٽوڪون ڪن ۽ کين آزارين. اھڙن ڪوڙن صوفين بابت اياز گل ڇا ته خوب لکيو آھي ته،

لفظ ھي سارا دوئيءَ وارا، دلڙيءَ تان ميسار ڪڏھن

صوفي صوفي روز ڪرين ٿو، صوفي ٿي ڏيکار ڪڏھن

سنڌ ھميشه کان ادبي، سياسي ۽ شعوري لحاظ کان مضبوط خطو رھيو آھي. سنڌي باشعور ماڻھن طور سڃاتا ويندا ھئا پر اڄ اسان وٽ رجعت پسند لاڙا، قدامت پسندي ۽ جاھلاڻا رويا وڌي رھيا آھن. اسان سنڌي سدائين مذھبي ڪٽرپڻي کان پري رھيا آھيون، صدين کان پيار، محبت، امن، ڀائپي، برداشت ۽ ٻين تي ٻاجھه کي اھميت ڏيندا پيا اچون. پر ھاڻي الاءِ ڇا ٿي ويو آھي جو اسان ايترا انتھاپسند ۽ جنوني ٿيندا پيا وڃون جو سوشل ميڊيا جي ڪا پوسٽ سٺي نه ٿي لڳي ته لعنتن جو وسڪارو ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪريون، پٿر وسائي ماڻھن کي زخمي ڪرڻ کي پنھنجو اولين فرض ٿا سمجھون. بنا سوچڻ سمجھڻ جي ھڪ پروپيگنڊا جو حصو بڻجي ٿا وڃون. اوھان ڪنھن جي پوسٽ، سوچ يا نظرئي سان مڪمل طور تي اختلاف رکي ٿا سگھو پر ان کي گاريون ڏيڻ جو اختيار اوھان کي ڪنھن ڏنو آھي؟ تنھنڪري ھن شعوري زوال پذيري جي ٻوڏ آڏو به ته بند ٻڌڻو پوندو ته جيئن سنڌ جي اھا تھذيب، جنھن ۾ انسانيت کي اتم حيثيت حاصل ھئي، بحال ڪرائي سگھجي ۽ سنڌ کي سندس وڃايل صوفيت، ترقي پسند سوچ، روشن خيالي، دانشمنداڻو ۽ باشعور تشخص واپس ڏياري سگھجي.

مون وٽ تو لاءِ مان وڏو آ

مذھب کان انسان وڏو آ

(روبينه ابڙو)

[email protected]