ڪمزور آمريڪي صدر عالمي سياست ۾!

0
207
ڪمزور آمريڪي صدر عالمي سياست ۾!

 سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار خيرالنساءِ جعفري هڪ دفعي ڪنهن ميڙ ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته; مرد عورت کي ڪمزور الائي ڇو ٿو سمجهي، جڏهن ته ملڪ جون اڪثر ڀتيون مردانه ڪمزوري جي اشتهارن سان ڪاريون ٿيل آھن۔

                 عالمي سياست ۾ اها صورتحال هن وقت آمريڪا جي نظر اچي رهي آهي. يوڪرائين جي جنگ ڇڙڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مغربي ميڊيا جي هر ڀِتَ تي پيوٽن جي ڪمزوري جا اشتهار، ليک ۽ مضمون ڇپجندا اچن ٿا پر بائيڊن ۽ آمريڪا جي ڪمزورين کي نظر انداز ۽ درگذر ڪيو وڃي ٿو. روس جي تازي فوجي بغاوت کي مغربي ميڊيا وڏي اطمينان ۽ خوشي سان پيوٽن جي حڪومتي Rit جي ڪمزوري سڏي رهي آھي. آمريڪي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر وليم برنس  چواڻي ته، “پريگوزين جي فوجي بغاوت جي ڪوشش، پيوٽن جي ڪمزورين کي بي نقاب ڪيو آھي، تنهنڪري يو ايس انٽيليجنس کي نسلن گذرڻ کان پوءِ، اهڙو مليل موقعو وڃائڻ نه گهرجي، جنهن سان روس فوجي طور ڪمزور ٿئي”. فوجي بغاوت واري واقعي کان اڳ مغربي ميڊيا پيوٽن کي ڪينسر جو مريض لکندي کيس ھن دنيا ۾ ڪجھ ڏينهن جو مهمان سڏيو هو. حقيقت ۾ اهو پيوٽن نه پر بائيڊن آھي، جيڪو ڊمينشيا جي لاعلاج بيماري ۾  مبتلا ٿي چڪو آهي ۽ سندس يادداشت آھستي آھستي ختم ٿي رهي آھي. سندس بيماري جي خبر دنيا کي ٻن موقعن تي پئي، جڏهن ڪولريڊا جي ايئر فورس اڪيڊمي ۾  هو هڪ دفعو اسٽيج تي ڪري پيو هو ۽ ٻيو دفعو سينيٽر شومر سان هڪ تقريب ۾ هٿ ملائڻ باوجود ساڻس ٻيهر هٿ ملائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. نائين جولاءِ تي وائيٽ هائوس جو رهواسي اسي سالن جو هي پوڙھو صدر، يورپ جي سرڪاري دوري تي اسهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جتي هو ليٿونيا جي گادي ولينيوس ۾ نيٽو اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. ٻئي طرف ليٿونيا جي ماسڪو نواز اخبار “ريسپُبليڪا” سندس دوري جو مذاق اڏائيندي پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ کيس “نا اهل آمريڪي رهنما” لکندي کيس هن عمر ۾ سياست کان رٽائر ٿيڻ جي صلاح ڏني آھي. هاڻي جاچڻو  آھي ته ڪٿي متان هي اخبار بائيڊن مٿان ٺلها الزام ته نه هڻي رهي آھي. جڏهن ته صدر بائيڊن 2024ع جي صدارتي اليڪشن ۾ حصي وٺڻ جو اعلان به ڪري چڪو آھي.

ٻئي طرف بائيڊن انتظاميا جي باري ۾ ٻه ٽي ڳالهيون دنيا ۾ هُلِيَل آھن ته صدر بيماري سبب گهڻو وقت آرام کي ڏيندو آھي ۽ ملڪي پاليسيون  هڪ ٽِيمَ، جنهن ۾  پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن، دفاع وارو وزير لائڊ آسٽن ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار جيڪ سِلوَان شامل آھن، هلائي رهيا آھن، جن کي عام طور “ڪلنٽن- اوباما قبيلو” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جن جو مقصد 2024ع جي اليڪشن جي تياري ۽ روزمره جا ڪم اڪلائڻ آھي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ليٿونيا جي ولينيوس شھر ۾ ٿيندڙ يوڪرائين جي جنگ متعلق نيٽو اجلاس ۾ آمريڪي صدر هن دفعي به ڪا واضح پاليسي ڏيڻ بدران جنگ جاري رکڻ جي صلاح تي اڪتفا ڪندو. موضوع کان هٽي اهو به ٻڌائيندو هلجي ته اڻ سڌي طرح نيٽو اتحاد زميني حقيقتن کي تسليم ڪري چڪو آھي. يوڪرائين کي ڪريميا واپس نه ملندو، ۽ نه ئي هو دنباس کي ٻيهر يوڪرائين حوالي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. اصل ۾  نيٽو کي روسي فيڊريشن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سوين هزارين سلاوڪ لاشن ۽ تباهه ٿيل علائقن جي ضرورت هئي، جيڪو مقصد نيٽو حاصل ڪري چڪو آھي ۽ روس فوجي ۽ عوام مارائي معاشي ڪاميابي ماڻي ورتي آھي. ٻئي طرف هن نيٽو ۾ شامل پراڻن ڪامريڊن کي پنهنجو ڪري ورتو آھي، جنهن سبب نيٽو ۾ اندر به اختلاف وڌي رهيا آھن. سرد جنگ دوران ماسڪو جا پراڻا ڪامريڊ ملڪ هنگري ۽ چيڪ ريپبلڪ جو عوام يوڪرائين کي مدد نه ڏيڻ تي زور ڏيئي رهيو آھي، جيڪي بنيادي طور پنهنجن ملڪن جي “يوڪرائينائزيشن” کان ڊنل آھن.

گهريلو پاليسي ۽ ان سان سلهاڙيل مسئلا ڪلنٽن- اوباما قبيلي لاءِ آسان ۽ سولا آھن. خود صدر بائيڊن جيڪو پوين پنجاهه سالن کان سياست ڪندو اچي ٿو، سينيٽ ۽ ڪانگريس جي امور جو ماهر آھي، پر سندس ٽيم کي پرڏيهي پاليسي جو طرف درست ڪرڻ ۾ ڏکيائيون درپيش آھن, صحت جي پيش نظر آمريڪي صدر کي ايشيا جي ٻن آمريڪا مخالف طاقتن چين ۽ ڪوريا جي رهنمائن XI JINPING ۽  Kim jong un سان ملاقات کان پري رکيو وڃي ٿو، جنهن سبب ايشيا ۾ به ڇڪتاڻ واري صورتحال هلي رهي آھي. پرڏيهي پاليسي جو بنيادي اصول ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا نبيرڻ هوندو آھي. تائيوان يا ڏکڻ چيني سمنڊ تي ڳالهيون نه ٿينديون ته ڇڪتاڻ ضرور وڌندي ۽ پوءِ يورپ وانگر ايشيا جو امن به تباهه ٿي سگهي ٿو. صدر بائيڊن جي بيماري سندس ڪمزور پرڏيهي پاليسي جي عڪاسي ڪندڙ آھي. آمريڪا چين هٿ وچ اوڀر جا پنهنجا مضبوط اتحادي گنوائي چڪو آھي. وچ اوڀر ۾ آمريڪا جو ڏهاڪن جو سياسي پورهيو تباهه ڪرڻ جو ذميوار بائيڊن آھي. اوباما دور ۾ آمريڪا وٽ شام جو صدر بشار الاسد ناپسنديده ماڻھو هو، جنهن ٻيهر عرب ليگ ۾ داخل ٿي ۽ ان کي خطاب پڻ  ڪيو۔ اوباما دور ۾ ايران سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش دوران سعودين کي اعتماد ۾ نه ورتو هو پر چين مڊل ايسٽ جي ٻن طاقتن جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ سعودين ايرانين کي “ڀائي ڀائي” ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. عرب ليگ ۾ يوڪرائيني صدر  زلينسڪي جو اچڻ به آمريڪا کي هڪ چماٽ برابر هو، ڇو ته عربن زلينسڪي کي سڏي يوڪرائين جنگ ۾ دنيا کي پنهنجي غير جانبداري جو پيغام موڪليو هو. ياد رهي ته يوڪرائين جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي غيرجانبداري آمريڪا کي پسند ڪانهي. وچ اوڀر ۾ عرب ليگ اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ آمريڪي دٻاءُ جي مزاحمت ڪئي ۽ فلسطيني صدر محمود عباس جي ميزباني ڪري فلسطيني رياست جي ٻه قومي حل جي مطالبي کي دهرايو هو، جيڪو به آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي جي بنهه خلاف هو. ياد رهي ته اسرائيل سان عربن جا لاڳاپا برقرار آھن، چاهي اهو سعودي عرب هجي يا ڪو ٻيو عرب ملڪ، يهودي – عرب  مفاهمتي پاليسي برقرار رکڻ جو سندن معاهدو Intact آھي. عربن جي اهڙي آزاد رَوَش آمريڪي پرڏيهي پاليسي جي هن ريجن ۾ وڏي شڪست آھي، جنهن جي ذميواري به بائيڊن ۽ سندس ٽيم تي عائد ٿئي ٿي. مطلب ته عالمي سياست جو آسان تجزيو ڪجي ته ان جو مطلب اهو آهي ته مشرقي يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريڪا توڙي ڏکڻ ايشيا هاڻي آمريڪي  سازشن يا وارداتي نظرين جو جلدي شڪار ٿيڻ بدران چين ۽ روس سان به صلاحُو ٿيندا، جيڪو unipolar  نظام جو خاتمو سڏي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته آفريڪا کان پوءِ مشرقي يورپ ۾ به روس پنهنجا پير ڄمائي رهيو آھي. عالمي سياست ۾ هيترو وڃائڻ کان پوءِ ليٿونيا جي اخبار جي اها صلاح حق بجانب آھي ته آمريڪا جي هڪ بيمار ۽ ڪمزور  رهنما کي سياست تان پاڻمرادو رٽائر ٿيڻ گھرجي.

[email protected]