اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ايندڙ هفتي درخواستن ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ ڪاز لسٽ ۽ ججز روسٽر جاري ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ ۾ 3 بينچ مختلف درخواستن ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا، بينچ نمبر هڪ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ مظاهر علي اڪبر نقوي، بينچ نمبر 2 ۾ جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان، بينچ نمبر 3 ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي شامل آهن، ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪن مسعود الرحمان عباسي خلاف توهين عدالت ڪيس، 25هين آئيني ترميم غير قانوني قرار ڏيڻ، وومين ڪميشن جي چيئرپرسن جي مقرري خلاف، پارڪ ويو سوسائٽي کي اين او سي جي بحالي سميت جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس جي جوابدارن لياقت قائمخاني ۽ جميل بلوچ جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿيندي. ان کان علاوه وزيراعظم پاران خصوصي معاون ۽ مشير مقرر ڪرڻ خلاف درخواست، اسٽيل ملز جي ملازمن کي ڪڍڻ واري درخواست سميت ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي پاليسي جوڙڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿيندي.