سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران  اعلانيل، سنڌ سان درد جو رشتو، جي سري ھيٺ لال شھباز قلندر جي نالي سان منسوب لال باغ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ٽينٽ سٽي ۾ صوفياڻي محفل ٿي گذري، درگاهه قلندر لال شھباز جي ڊيوٽي ڏيندڙ صوفي فنڪارن دل جان جانڊيو ۽ رجب علي چانڊيو پاران صوفي راڳ جي محفل منعقد  ڪئي وئي، جنهن ۾ سڀ کان پھرين ٻوڏ متاثرين سان يڪجھتي ملھائڻ طور ٻن منٽن جي خاموشي ڪئي جنهن بعد ٻوڏ متاثرين جي بحالي، ٻوڏ ۾ جانيون وڃائيندڙن ۽ بس سانحي ۾ سڙي شھيد ٿيندڙ ڪي اين شاهه واسي ماروئڙن جي لاء خاص دعائون گھريون ويون ھن محفل ۾ ٻوڏ متاثر ماڻھن ٻارڙن ۽ شھر جي معزز شخصتين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڄاڻايل مقامي فنڪارن پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي لاء  وڏيرو چانڊيو جي شاعري تي ٻڌل ثقافتي گيت، سنڌ سان آھي درد جو رشتو، ماروئڙا منھنجا اڪيلا ناھن ۽ ٻيا قومي گيت ۽ قلندري ڌمالون ڳائي ماروئڙن جا ڏک مٽائي کين جھومائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ احسان رند، محرم فقير، ظفرعلي شيخ ۽ ڄاڻايل مقامي فنڪارن ۽ مختلف شھرن کان ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرين سانوڻ، بخشل، امير بخش ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته  اسان جس ٿا ڏيون ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي صاحب کي جنهن  ڪڏھن به اسان کي اڪيلو ناھي ڇڏيو ۽ ٻوڏن دوران ھر لمحي جي خبر ٽائيم نيوز تي ڄاڻ ڏيڻ ۽ پنھنجي اخبار ۾ شايع ڪرڻ ۾ سڀني ميڊيا کان اڳڀرو رھيو آھي ۽ اسان جي ھن ڏکن ڀرين گھڙين ۾  اچي اسان جا درد گھٽ ڪرڻ سان گڏ اسان جي بحالي لاء دعائون گھرائي ۽ ثقافتي محفل ڪرائي اسان جون دليون کٽي ورتيون آھن ۽ اسان جون دعائون به آهن ته سدائين ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار ڪاميابي ماڻيندي رھي.  متاثرين ۽ سماجي اڳواڻن 4 ڊسمبر واري ڏھاڙي جو به وچن ورجائيندي چيو ته اسان ان ڏينھن تي ٻوڏ متاثر ماڻھن سان گڏ ثقافتي ڏھاڙو ملھائي سندن تڪليفن ۽ پريشانين کي وسارڻ لاء ريلي ڪڍي سنڌ جي خوشحالي لاء دعائون گھرنداسين. آخر ۾ شھر جي سماجي اڳواڻن ظفر علي شيخ ۽ احسان رند پاران ٻوڏ متاثر ٻارڙن ۾ جوس پڻ ورھايو ويو.