سينيئر صحافي ارشد شريف جو مڙهه نيروبي مان دوحه پهچايو ويو

0
432

ڪراچي: ڪينين پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل سينيئر صحافي ارشد شريف جو مڙهه نيروبي مان دوحه پهچايو ويو، دوحه مان مقتول صحافيءَ جو مڙهه اڄ رات سوا هڪ وڳي تائين اسلام آباد پهچايو ويندو

پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر نيروبي ايئر پورٽ کان مڙهه پاڪستان ڏانهن اماڻيو، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪينيا جي صدر سان ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ قانوني معاملا تيزيءَ سان مڪمل ڪيا ويا

ڪينيا پوليس جي ترجمان برونو شيوسو چيو آهي ته ارشد شريف جي موت جي پسمنظر بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، ڪينين پوليس جي شروعاتي رپورٽ موجب ارشد شريف کي سڃاڻپ ۾ غلطيءَ سبب فائرنگ ڪري ماريو ويو

ھي به پڙھندا

ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ فوري عدالتي ڪميشن جوڙڻ واري استدعا رد

آمريڪا پاران ارشد شريف جي موت جي شفاف جاچ جو مطالبو