پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ معطل ٿيل واٽس ايپ سروس بحال

0
471

ڪراچي:پاڪستان ۽ ڀارت سميت مختلف ملڪن ۾ معطل ٿيل واٽس ايپ سروس بحال ٿي وئي آھي، ڏيڍ ڪلاڪ تائين سروس ڊائون رهڻ سبب ڪروڙين يُوزرس پريشان ٿي ويا

 واٽس ايپ استعمال ڪندڙن جو چوڻ هو ته کين گروپس ۾ ميسيج اماڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، انفرادي ميسيجز اماڻڻ جو سلسلو به بند رهيو

واٽس ايپ جي سروس فراهم ڪندڙ مَيٽا ترجمان جو چوڻ آهي ته واٽس ايپ جي ڊائون ٿيل سروس بحال ڪئي وئي آهي

واٽس ايپ سروس ڊائون ٿيڻ بعد ٽويٽر تي هيش ٽيگ واٽس ايپ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو، ٽويٽر يوزرس واٽس ايپ سروس ڊائون ٿيڻ تي دلچسپ ميميز شيئر ڪرڻ لڳا