ڪراچي: اجلاس ۾ سيف سٽي منصوبي تي به غور ويچار ڪيو ويو، وڏي وزير چيو ته سيف سٽي منصوبي تحت شهر ۾ 10 هزار ڪيمرائيون لڳائڻ جو پلان آهي، اسان انهي پراجيڪٽ لاءِ هن سال 6.9 ارب مختص ڪيا، اين آر ٽي سي ٽيڪنيڪل، فنانشل پروپوزل اينڊ ڊرافٽ ڪانٽريڪٽ ايگريمينٽ 27 جون 2021 ع تي جمع ڪرايو، پراجيڪٽ تي 38 ارب لاڳت اچي پئي. پروجيڪٽ ۾ دير سبب لاڳت وڌي وئي، وڏي وزير پراجيڪٽ جي لاڳت جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪاميٽي ۾ پوليس، پاڪ فوج ۽ ٻين ماهرن کي شامل ڪيو ويندو. ڪاميٽي پرائيس ۽ پراجيڪٽ جي ٻين ٽيڪنيڪلٽيز جو ڪاٿو هڻي 6 مهينن ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي.