سيتا ۾ سڳي مامي مٿان ڀاڻيجي سان جنسي ڏاڍائي، وڊيو ڀري بليڪ ميل ڪرڻ جا الزام

0
429
ڀاڻيجي سان جنسي ڏاڍائي
سيتا ۾ سڳي مامي مٿان ڀاڻيجي سان جنسي ڏاڍائي، وڊيو ڀري بليڪ ميل ڪرڻ جا الزام

دادو: سيتا ۾ سڳي مامي مٿان ڀاڻيجي امروز انڙ سان جنسي ڏاڍائي ڪري سندس وڊيو رڪارڊ ڪري کيس بليڪ ميل ڪرڻ جا الزام سامهون آيا آهن

ڀاڻيجي امروز انڙ الزام هنيو ته ماء مسرت سان گڏ مامي وٽ آياسين ته هن ماسڙ ۽ ماسات خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاء چيو، انڪار تي مامي يرغمال بڻائي وحشياڻو تشدد ڪيو

هن چيو ته  مامي خادم نشو ڏئي جنسي ڏاڍائي ڪئي ۽ سليم انڙ اها وڊيو رڪارڊ ڪندو رهيو. مامي راڄو ديرو پوليس حوالي ڪيو، جنهن مسلسل داٻا ۽ منهنجي معصوم ڀائرن کي نقصان رسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي عدالت ۾ پيش ڪرائي پنهنجي مرضي جو بيان ڏياري دارالامان موڪلرايو

ٽائيم نيوز ڳالهائيندي هن چيو ته مامي منهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي کيس سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي