سوڀوديرو ( ن پ ا ) هنگورجا مان تقريبن ٽن مھينن کان اغوا ٿيل چار سالا معصوم نينگر جعفر ڀٽو ۽ سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سوڀوديرو ۾ قومپرست اڳواڻن  سياسي سماجي ڌرين محراب واهہ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪري سخت احتجاج ڪيو، انتظاميا کان معصوم ٻارڙن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو. ريلي جي اڳواڻي معصوم جعفر ڀٽو جو والد صادق ڀٽو ۽ قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نظير احمد کوکر، فريد احمد انڙ، امتياز سرڪي گلزار اڄڻ ڪري رهيا هيا. قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نظير احمد کوکر چيو ته سڄي سنڌ ۾ معصوم ٻاڙن جو اغوا ٿيڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آھي، هن چيو ته ميڊيا ادارن جي تازي شايع ٿيل رپورٽ موجب هن وقت تائين سڄي سنڌ مان گم ٿيل ٻارڙن جو انگ 15 تائين پھچي چڪو آھي، انتظاميا گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابيءَ ۾ مڪمل ناڪام ٿي آھي، ان موقعي تي معصوم نينگر جعفر ڀٽو جي والد صادق ڀٽو چيو ته منھنجي معصوم پٽ جعفر ڀٽو کي اغوا ٿئي تقريبن ٽي مھينيا ٿيڻ وارا آھن هن وقت تائين ان جو ڪو به ڏس پتو نه پيو آھي.