گمبٽ (ن پ ا) سوڀوديرو جي علائقي چڪر وارياسو واسي معصوم ٻالڪ ٻن ورھين جو منتظر پٽ نعمت علي مڱڻيجو راند کيڏندي ڀرسان وھندڙ پاڻيءَ جي واٽر ۾ ڪري پوڻ سبب ٻڏي ويو، جنھن کي ٻاھر ڪڍي سندس وارث گمبٽ گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ کڻي آيا جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر ۽ عملي تپاسڻ بعد ٻار جي فوتگي جي تصديق ڪئي جنھن کانپوءِ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ته وارث معصوم جو لاش ھٿن ۾ کڻي اسپتال کان ٻاھر نڪري ڪا گاڏي ڪرائڻ چاھي، جنھن تي اسپتال جي ملازمن کيس ايمبولينس فراھم ڪئي. راند کيڏندڙ ٻار جو لاش آڻڻ تي سندس گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ وارثن کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا.