اسلام آباد: آءِ جي پنجاب انعام غني چيو ته 23 جون تي جوهر ٽائون ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته آفيسرن سميت 22 ڄڻا زخمي ٿيا، 12 گاڏيون ۽ 7 گهر متاثر ٿيا، واقعي جي فورن بعد سي ٽي ڊي ٻين ادارن سان گڏجي جاچ شروع ڪئي، 16 ڪلاڪن اندر واقعي ۾ ملوث دهشتگردن تائين پهچي وياسين، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ قومي سلامتي بابت خصوصي معاون معيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته لاهور واقعي جي دهشتگردي لاءِفنانسنگ ۽ منصوبا بندي پاڪستان کان ٻاهر ٿي، پاڪستان ۾ موجود 5 ماڻهن ان تي عمل ڪيو، ان ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ 55 سالن جي عمر رکندڙ پاڪستاني پيٽر جيڪو گهڻو عرصو پرڏيهي ملڪ ۾ رهيو آهي، ان جا ٻاهر به رابطا آهن، ان حملي لاءِ گاڏي جو انتظام ڪيو، جيڪا گاڏي 2010ع ۾ ڦر ڪئي وئي هئي، ان وقعي بعد جاچ دوران ملڪ کان ٻاهران ايندڙ فون ڪالن ۽ واٽس ايپ جي تفصيلن مان افغاني شهري عيد گيل جيڪو ڪيترن ڏهاڪن طور افغاني پناهگير طور پاڪستان ۾ رهي رهيو آهي، ان گاڏي ۾ بارود رکيو ۽ گاڏي تيار ڪئي، جنهن ۾ هن جي گهرواري به ان جي مددگار هئي، ان لاهور ۾ ان واقعي کان پهريان علائقي جي مڪمل ريڪي ڪئي، هو 21 جون تي ان گاڏي ۾ ان سڄي علائقي ۾ چڪر لڳايو، 22 جون تي هو رڪشا تي ٻيهر علائقي جو جائزو وٺڻ آيو، عيد گل پنهنجي سڄي عمر پنجاب ۾ گذاري، جنهن ڪري هو سٺي پنجابي ڳالهائيندو آهي، 23 جون تي هو اسلام آباد کان موٽروي ذريعي حملي واري گاڏي کڻي لاهور روانو، هن 12 ڪلاڪ موٽروي تي گذاريا، ساڍي 4 وڳي هن گاڏي ڌماڪي واري علائقي ۾ هڪ زير تعمير گهر سامهون بيهاري، جتي پوليس چوڪي هئي ۽ پوليس موبائيل به بيٺل هئي، جن جي وچ ۾ ان اچي گاڏي بيهاري، جنهن ۾ 20 ڪلو بارود رکيل هو، ڌماڪي سان گاڏي مڪمل تباهه ٿي عيد گل سان گڏ پيٽر پال ڊيوڊ، ضياءُ الله ۽ عائشه گل به شامل هئا، انهن سڀني کي گرفتار ڪري ورتو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ به ٿي رهي آهي، بينڪ رڪارڊ به موجود آهي.