اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ڪجهه ڏينهن پهريان لاهور جي جوهر ٽائون ۾ ٿيل ڌماڪي کي ڀارتي دهشتگردي قرار ڏئي ڇڏيو، حڪومت موجب واقعو ڪندڙ افغاني هو، “را” سان تعلق رکندڙ ڀارتي شهري واقعي جو ماسٽر مائينڊ آهي، واقعي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ملوث آهي، ڪالهه اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ آءِ جي پنجاب انعام غني سان گڏ وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت خصوصي معاون معيد يوسف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڀارت لاهور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ هڪ رياست طور ملوث آهي، ان واقعي جو ماسٽر مائينڊ ڀارتي شهري آهي سندس تعلق “را” سان آهي، دهشتگردي جي واقعي ۾ ڀارتي ايجنسي را جو هٿ آهي، اهو واقعو ڪندڙ ملزم عيد گل جو تعلق افغانستان سان آهي، جڏهن ته ٻيو جوابدار پيٽرپال ڪراچي جو رهندڙ آهي، هن چيو ته پاڪستان واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جو سمورو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو آهي، هن چيو ته لاهور جو جوهر ٽائون ڌماڪو ۽ سائيبر حملا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، جنهن ڏينهن ڌماڪو ٿيو، ان ڏينهن اسان جي انويسٽيگيشن نيٽ ورڪ تي سائبر حملا ڪيا ويا پر اسان جا ادارا سائبر سيڪيورٽي تي ڪم ڪري تمام گهڻا مضبوط ٿي ويا آهن، هن چيو ته ڀارت جي اصل چهري کي سامهون آڻينداسين، نومبر ۾ به اسان پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ بابت تفصيلي ڊوزيئر تمام وڏن ملڪن کي اماڻيو هو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪهڙين ڀارتي بينڪن مان پيسو ٽرانسفر ٿيو ۽ ٻيا تفصيل به شامل هئا، هن چيو ته لاهور ڌماڪي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ والاريل ڪشمير تي ڊورن حملي جو ڊرامو ڪيو ويو، ايترا ثبوت ملڻ باوجود به دنيا خاموش رهي ته ثابت ٿي ويندو ته انهن جي دلچسپي امن ۾ ناهي، لاهور واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جا نالا رڪارڊ اسان وٽ آهي، انهن جا پيرا ڀارت سان جڙيل آهن، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته موجود قانوني، سياسي طريقا استعمال ڪري ان نيٽ ورڪ کي سامهون آندو وڃي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته افغاني پناهگيرن جي پاڪستان مان پنهنجي وطن باعزت واپسي ڪئي وڃي، افغاني پناهگير امن پسند آهن دهشتگردي جي واقعن سان انهن جي بدنامي ٿئي ٿي، هن چيو ته دنيا بار بار اهو سوال ڪري ٿي ته هتي اهڙا افغاني موجود آهن جن کي پڪڙڻ ضروري آهي، جيڪي افغانستان ۾ ڪارروايون ڪندا آهن، اسان جو چوڻ آهي ته هتي 30 لک افغاني پناهگير موجود آهن انهن ۾ اهي به پاڻ کي گڏائي وٺن ٿا، هن چيو ته حملو ڪندڙ ڪنهن پناهگير ڪيمپ ۾ نه پر پنجاب ۾ رهندو هو، ان ڪري اسان افغاني پناهگير جي باعزت واپسي چاهيون ٿا، معيد يوسف چيو ته، ڀارت پاڪستان خلاف اسپانسرشپ دهشتگردي سان جڙيل آهي، واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي فون جو رڪارڊ ۽ ٻيا اوزار مليا آهن جو فرانزڪ تجزيو ڪيو ويو آهي، واقعي ۾ ملوث ماسٽر مائينڊ جو اسان وٽ جعلي نالو ۽ اصل سڃاڻپ جا تفصيل آهن، هو ڪٿي آهي؟ سمورين شين جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، هن چيو ته اسان وٽ ان حملي ۾ ملوث دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جو سمورو رڪارڊ موجود آهي، بينڪن مان انهن کي موڪليل رقم جا تفصيل به موجود آهن، ان واقعي جا پيرا ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي سان ملن ٿا، هن چيو ته افغانستان جي مسئلي جو حل سياسي مفاهمت سان نه ٿيو ته خانه جنگي جو خطرو آهي، ان موقعي تي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي تائين دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي آهي، ڪلڀوشن يادوو جي گرفتاري پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو مضبوط ثبوت هئي، بدقسمتي سان تسلسل سان اهڙن واقعن ۾ ڀارت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙن جي نيٽ ورڪ کي سپورٽ ڪري رهي آهي، ڀارت واقعي ۾ سڌي ريت ملوث آهي، حملو ڪندڙ گينگ اسان جي قبضي ۾ آهي. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته لاهور ڌماڪي جون ڪڙيون ڀارت سان ملن ٿيون، منصوبابندي ۽ سرمائيڪاري ڀارت مان ٿي، عالمي برادري کي گهرجي ته ڀارت جي بدمعاشي خلاف عالمي ادارن کي حرڪت ۾ آڻي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت دهشتگردن کي هٿيار، مالي مدد ۽ تربيت ڏئي ٿو، ڀارت افغانستان جي سر زمين کي پاڪستان خلاف استعمال ڪندو آهي، ڇا دهشتگردي جي مالي مدد تي ايف اي ٽي ايف جي ذميواري ناهي ته ڀارت کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، ڀارت ڪڏهن پلواما جو ڊرامو ڪري ٿو ته ڪڏهن وري سرحدن تي ڇڪتاڻ وڌائي ٿو.