سوال/سروي … نواز شريف پاڪستان واپس ايندو ۽ وزيراعظم ٿيندو، بلاول جو وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب پورو نه ٿيندو: عوام

0
112

دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي پاڪستان واپسي جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سان ملڪي سياست تي ڪهڙو اثر پوندو؟ بلاول جا وزيراعظم ٿيڻ جا دڳ بند ٿيندا؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نواز شريف واپس ايندو ۽ گهڻي ڀاڱي ان جي وزيراعظم ٿيڻ جو امڪان آهي، بلاول وزيراعظم نه ٿيندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نجيب چانڊيو لکيو ته نواز شريف جي ملڪ ۾ اچڻ کانپوءِ ن ليگ ۽ پ پ ۾ رواجي اختلاف شروع ٿي ويندا باقي نواز شريف جي ڏکيائين ۾ واڌارو ٿيندو. ڏسجي ته هُو اچي به ٿو يا صرف اعلان ڪري حالتن کي چڪاسيو پيو وڃي. مصطفيٰ اياز مهيري لکيو ته نواز شريف کي ملڪ اچڻ گهرجي ڪرپٽ سڀ سياستدان آھن معاملو ڏي وٺ جي بنيادن تي هلي ٿو، نقاش پيرزادو لکيو ته نواز شريف جي اچڻ سان ڪو فرق نه پوندو ليڪن بلاول ڀٽو زرداري به وزير اعظم جا خواب پيو ڏسي ٿيندو ڪونه سنڌ جو سسٽم پھرين ٺيڪ ڪري بلاول پوءِ ملڪ جي باري .. ساگر علي رضا لکيو ته نواز شريف پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي هاڻي شريف ۽ سادڙو ٿي پاڪستان جي عوام کي ٻيهر بيوقوف بڻائي وزيراعظم ٿيڻ جا خواب اچي 21 آڪٽوبر 2023ع پاڪستان ۾ ڏسندو. اياز کهاوڙ لکيو ته نواز شريف جي اچڻ سان فرق ضرور پوندو نواز شريف سينيئر اڳواڻ رهيو آهي. ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ هن جو ڪجھه سسٽم به جوڙيل رهيو آهي.انڪري معاشي فائدو ڪجھه رَسي سگهندو، گل سومرو لکيو ته پاڪستان کي نواز شريف جي ضرورت آهي، بابر بلوچ لکيو ته شايد نواز شريف جي اچڻ سان ٻيھر ن ليگ يا پ پ وارن ۾ اختلاف ٿين ڇو جو بلاول چوي پيو آئون وزيراعظم ٿيان ۽ شايد نواز شريف اچي ۽ اھو چوي آئون وزيراعظم ٿيان ۽ پوءِ ھنن ۾ اختلاف ٿي پون پر عوام ھنن ٻنھي منجھان ڪنھن کي به ووٽ ڪونه ڏيندو، گدا حسين لکيو ته پاڪستان کي نواز شريف جي ضرورت آهي، افضل علي لکيو ته نواز شريف جي پاڪستان کي ضرورت آهي، سيف الله پنهور لکيو ته نواز شريف واپس ڪونه ايندو بلاول وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ٿو ڏسي سندس پيءُ جي هوندي وزيراعظم ته نه ٿيندو رهندو هن ڀيري سنڌ حڪومت به نه ملندس، انصار علي لکيو ته نواز شريف پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي هاڻي شريف ۽ سادڙو ٿي پاڪستان جي عوام کي ٻيهر بيوقوف بڻائي وزيراعظم ٿيڻ جا خواب اچي 21 آڪٽوبر 2023ع پاڪستان ۾ ڏسندو. نماڻو نوناري لکيو ته الله ڪري نواز شريف واپس اچي نواز شريف وارو دور پاڪستان جو ڀلو دور رهيو آهي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته پاڪستان جي قومي خزاني کي گهڻو لٽيندڙ سياسي ليڊر ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي پاڪستان واپسي جو اعلان ڪيو آهي بھرحال پاڪستان جي عوام جي ڀلائي خاطر اهڙي ليڊر کي ان ئي ڏينهن پاڪستان ۾ لهڻ شرط سان سڌو سنئون جيل موڪلي ڇڏيو ته بهتر ٿيندو اهڙا ڪرپٽ راشي ليڊر پاڪستاني قوم سان ڪڏهن به ڀلائي يا ملڪ جي ڀلائي خاطر ملڪ کي سنوارڻ ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ناهي ڪيو ملڪ تي اهڙن ليڊرن کي عوام ووٽ نه ڪري ڀلي بلاول هجي يا شريف خاندان سڀـني کي آزمائي ڏٺو آهي ڪهڙا اثر ماضي ۾ پيا آهن سو هاڻي ترقي جا اثر ڏيکاريندو اسان جي راءِ آهي ته گادي نشين وارن ليڊرن کي جيل موڪلي ملڪ ۾ نوان نوان ليڊر پيدا ڪريو جيئن ملڪ ملڪ ترقي ڪندو هاڻي سمورن ڪرپٽ راشي سياسي اڳواڻن جا وزيراعظم ٿيڻ وارا خواب يا دڳ بند ٿيندا ته ملڪ ڪنهن ٻئي رنگ ۾ متان رنڱجي وڃي. موهن لال لکيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي ڀلي ڏيھه وري ۽ سياست ۾ حصو وٺي جنهن کي باقي جهموري پارٽيون ڀليڪار ڪن نوازشريف سينيئر سياستدان سان گڏوگڏ ٻه ڀيرا وزيراعظم به رهي چڪو آهي سندن اڳوڻي تجربي مطابق جڏهن اليڪشن جي ميدان ۾ لهندو يقينن وڏو اثر ڇڏيندو ۽ پنجاب ۾ نواز شريف جو اڄ به جهجهو ووٽ بينڪ آهي باقي رهي ڳالھه بلاول ڀٽو زرداري جي اهو في الحال وزيراعظم ٿيندي نظر ڪانه پيو اچي ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ ٻن پارٽين جي اڪثريت آهي هڪ نواز ليگ ۽ ٻي پي ٽي آءِ انهن جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي ٽين نمبر تي آهي اهڙي ماحول ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو وزيراعظم ٿيڻ انتهائي اوکو آهي، ايم حسن کوسو لکيو ته پاڪستان ۾ نواز شريف سميت ڪيترن ئي سياستدانن حڪومت ڪئي پر جيترو پاڪستان کي نواز حڪومت ۾ فائدو ٿيو شايد ڪنھن به حڪومت ۾ ٿيو هجي،  نواز کڻي ايترو پاڪستان لاءِ نه ڪيو ھجي جيترو ڪرڻ گھرجي ھا پر ٻين کان پوءِ به ھن بھترين سياست ڪئي ملڪ جي لاءِ ھاڻ ڏسو جڏھن نواز جو تختو اونڌو ڪري ٻيا اچي قابض ٿيا انھن ڇا ڪيو پاڪستان ۾ ڇا ته ناھي، سون ڪوئلو کنڊ لاءِ ڪمند تيل گيس۔ جبل بندر گاھ سميت ڇا ڇا ته ناھي پر بدقسمتي سان پاڪستان جي ڀلائي نالي سان اقتدار ۾ اچي اھڙا ته بکيا ويھن ٿا جو پاڻ ارب پتي ٿي ويا ليڪن ملڪ جو خزانو خالي ڪري دنيا آڏو قرضي ڏيکاري بدنام ڪيو اٿن ھي ملڪ جا سڄڻ آھن جنھن کي اسان پڙھيل لکيل چئو ٿا انھن لٽيرن کي رڪڻ وارو به ڪو به ناھي ائين ناھي ته نواز ڪرپٽ ناھي ڪرپٽ بلڪل آھي پر ٻين کان وڌيڪ ھن پاڪستان ۾ بھترين حڪومت ڪئي نواز جي حڪومتي دور جي شين سامان کي ڏسو سستائي ڪيتري ھئي، پر ھاڻ ڪجھه سالن ۾ پي ٽي آءِ  تنھن به گھٽ نه ڪئي پي ٽي آءِ جا پير وري سڀني گڏجي ڪڍيا ته پي ٽي آءِ ملڪ کي تباھ ڪيو اسان بھتر ڪنداسين جڏھن پير کوڙيائون ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيائون ھاڻ پاڪستان وٽ ڇا آھي ڇا پچيو اگر ھڪڙي پاسي پاڪستان کي ڏسو ٻئي پاسي جن حڪومت ڪري ملڪ لٽيو انھن کي ڏسو اربين رپيا پيا اٿن پوءِ اھي آھن سڄڻ، بينڪن کان وڌيڪ ڪرپٽ حڪمرانن وٽ پئسا رکيل ۽ اربين رپين جو پراپرٽيون اٿن ڳالھه ته ختم ناھي ٿي جي لکنداسين ته لکڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آھي پر نواز شريف حڪومت کي بھتر سمجھون ٿا اگر پيپلز پارٽي کي وري حڪومت ڏني وئي يا اڪثريت ۾ شامل ڪيو ويو ته پاڪستان جي ترقي نه ٿيندي پر ڪرپشن وڌي ويندي، حڪمرانن کي بلاول جي وزيراعظم ٿيڻ سان ملڪي ترقي يا عوام کي فائدو نه بلڪه جاگيردار وڏيرن کي طاقتور بڻائڻ جو مشن ھن وٽ آھي نگران به اچڻ سان گھٽ نه ڪيو سڀ عوام تي ڪاوڙيل آھن ملڪ کي اگر صحيح راھ تي آڻڻ چاھيو ٿا ته مھانگائي ڪري عوام کي نه مارايو ڪافي سالن کي حڪومتي اقتدار ۾ مال ميڙي گڏ ڪندڙ سياستدانن کي سوگهو ڪريو پوءِ ملڪ ترقي ڏانهن وڌندو، غلام ڪبريا لکيو ته نواز شريف پاڪستان نه ايندو رڳو ڳالهيون آهن، ممتاز علي عارباڻي لکيو ته يار ڪڏھن ڪڏھن ڪجھه ڳالھيون ٻڌي کل ايندي آھي سنڌي ۾ چوڻي آھي ته ابو مئو ادو ڄائو اسين اھڙي جا اھڙا . نواز شريف ، زرداري عمران يا ملان اڳ ۾ ڪھڙا ڦاڙھا ماري ويا آھن جو ھاڻ انھن تي تجزيا ڪريون ھي مڙئي عوام کي الجھائڻ يا بيوقوف بڻائڻ کانسواءِ ڪجھه ناھي . پھريان ته اليڪشن ٿيڻ جا ڪي به آثار ڪونه آھن ۽ جيڪڏھن ٿي به ته نواز اچي يا زرداري عمران اچي يا ملان ظلم جي چڪي ۾ عوام ئي پسجندو رھندو باقي جنھن حد تائين سوال آھي بلاول جي وزيراعظم ٿيڻ جو ته في الحال اصل اقتدار ڌڻي ان موڊ ۾ نظر ڪونه ٿا اچن .. انھي ڪري ڏسو ۽ انتظار ڪريو واري پاليسي تي عمل ڪريون پيا .. شڪيل احمد لکيو ته 21 آڪٽوبر ڪهڙي سال جو؟ مظفر شبير بوزدار لکيو ته متان بلاول ڀٽو زرداري جي مٿان چاڙھ ڪري هن کي ملڪ جو وزيراعظم نه ڪرڻ ڏنو وڃي پر هن وقت پي ٽي آءِ ٽاپ تي آهي پي ٽي آءِ به نواز شريف مٿان حاوي ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري ٿوري افراتفري ٿيندي پوءِ گاڏو گڏجي ويندو سڀئي هڪ ٻئي کي بيان بازي ڪري وائکو ڪندا، عبدالستار شر لکيو ته نواز شريف جي وطن واپسي پاڪستاني سياست ۽ معيشت لاءِ سٺو سنئوڻ آھي، نواز شريف دور ھميشه سٺو دور رھيو آھي. نديم حسين لکيو ته پنهنجو جج اچڻ جو آسرو اٿن تڏهن اعلان ڪيو اٿن، ديشي عابد حسين ابڙو لکيو ته هي سڄو ڊرامو آهي هر ڪم مٿين سرڪار جو آهي مالڪ جنھن کي چاهي ڪن جنھن کي چاهي نه ڪن وزيراعظم نه پ پ لاءِ ٿيندا نه شريف ٿيندا، ابراهيم مخدوم لکيو ته بلڪل نواز شريف هاڻي 70 پرسنٽ ملڪ جو وزيراعظم سمجهو، بشير احمد لکيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به وزيراعظم نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته مولانا فضل الرحمان به هن ڀيري سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي اليڪشن ۾ اڃا وقت آهي گهڻو ڪجھه تبديل ٿي سگهي ٿو نواز شريف به وڏي سياسي ڊيل تحت ڪجھه ڏينهن ۾ پاڪستان پيو اچي، عبدالغفار انصاري لکيو ته نواز شريف اچي بلاول زرداري اچي غريب عوام جي زندگي ۾ ڪوئي فرق نه پوندو غريب ماڻھو لاءِ صرف ھڪ رستو آهي اھو آھي پاڪ فوج آرمي چيف کي گذارش ڪريون ٿا پوري قوم عوام سان گڏ آھي جنھن به ڪرپشن ڪئي آھي ان کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ڪرپٽ ماڻھن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي، سنيل ڪمار لکيو ته اسان کي بلاول يا نواز شريف جي ضرورت ناهي، عمران خان پاڪستان جو مستقبل آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته نوازشريف جي اچڻ سان نواز ليگ ۾ جان اچي ويندي…..! نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته نواز شريف جي واپسي سٺي ڳالھه آهي. حقيقت ۾ نواز شريف جو دور معيشت لاءِ بھتر رهيو آھي. باقي رهي ڳالھه بلاول جي وزيراعظم ٿيڻ جي. بلاول جي ڀيٽ ۾ نواز شريف جي پوزيشن بھتر ٿيندي نظر اچي پئي. عطاءُالله ڏاهاڻي لکيو ته نواز شريف اچڻ سان گرفتار ٿيندو مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آھي، ليلا رام لکيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به وزيراعظم نه ٿيندو، نواز شريف هڪ ڊيل تحت پاڪستان پيو اچي. اياز بلوچ لکيو ته نواز شريف سينيئر سياستدان آھي جنهن جي دور ۾ ھر شيءِ سستي هئي بعد ۾ پي ٽي آءِ هر شيءِ مهانگي ڪئي، گلشير سومرو لکيو ته نواز شريف اچي يا نه ڪو فرق نه پوندو باقي بلاول وزيراعظم ٿئي يا نه سنڌ ساڳئي سورن ۾ آهي، ابرار علي شر لکيو ته بلاول جو اهو خواب آهي جيڪو خواب ئي رهندو، خالد لغاري لکيو ته نواز شريف سينيئر سياستدان آهي ھن جي اچڻ سان ملڪ جي غريب عوام کي فائدو ٿيندو، جيئن ھن 2013ع پاڪستان کي ترقي جي راھ تي گامزن ڪيو غريب عوام کي رليف ملندو، باقي ھن وقت ھي ٺڳ ھلي پئي بلاول جي پارٽي سنڌ سان ڇا ڪيو آهي.