سوال/سروي استادن جي ڀرتين لاءِ هر سبجيڪٽ ۾ 40 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ڪري ڪل پاسنگ مارڪون 40 ڪيون وڃن: عوام

0
203

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته استادن جي ڀرتين جي لاءِ آءِ بي اي طرفان ٽيسٽ وٺڻ جو سلسلو جاري آهي، ٽيسٽ لاءِ ٿيل انتظامن ۽ ٽيسٽ پاس ڪرڻ لاءِ لاڳو ڪيل شرطن کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سوال تمام ڏکيا ڏنا ويا آهن، جنهن ڪري اڪثر اميدوار فيل ٿيندا، هر سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ڪيو وڃي، ڪل 40 يا 50 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، اميدوارن جي گهڻائي فيل ٿيڻ تي جلد ٻيهر اشتهار ڏئي ٽيسٽ ڪرائي وڃي جيئن استادن جون خالي جايون ڀرجي سگهجن، ميرٽ جو خيال رکيو وڃي.باقي ٽيسٽ لاءِ انتظام بهتر ڪيا ويا هئا ڪجهه سينٽرن تي انتظام نه هئا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي امير بخش گجو لکيو ته مڪمل بايو ميٽرڪ سسٽم نه هو، جاويد زرداري لکيو ته پاليسي غلط اختيار ڪئي وئي آهي، قربان عالياڻي لکيو ته پيپر سولو انهن لاءِ هو جن پڙهيو، جن سڄو ڏينهن فيس بوڪ تي وقت وڃايو اهي گهر ويهن، تنقيد کان پاسو ڪن، نياز سومرو لکيو ته آءِ بي اي پاران 55 مارڪس وارو شرط بلڪل ٺيڪ آهي ان سان اھل اميدوار چونڊبا، باقي ھر سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪيو وڃي، خادم گهراڻو لکيو ته هن وقت جيڪا ٽيسٽ ٿي رهي آهي ان ۾ جيڪي پيپر اچن پيا تمام ڏکيا آهن ڪن اهي دانهون ڪيون ته پاڻي جو بندوبست نه هو هاڻي اڳيان ميرٽ تي آيل اچن ٿا يا سفارشي؟ جيڪو شرط 55سيڪڙو آهي اهو 40 سيڪڙو ڪيو وڃي جيئن پٺتي پيل علائقن جا اميدوار به اچي اسگهن، ذوالفقار علي لکيو ته هڪ ايم سي ڪيوز تي ٻڌل پيپر ۾ هر پورشن مان 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ وارو شرط پهريون دفعو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آزمايو پيو وڃي ان کي ختم ڪري تعليم کاتي ۾ موجود مڪمل خالي سيٽون ڀريون وڃن، فقير علي لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته ٽيسٽون شفاف ٿين پر ڀرتيون وڏيرن جي چوڻ تي ٿينديون، ڪامران سومرو لکيو ته ٽيسٽ ڏيندڙن جو چوڻ آهي ته پيپر الاھي منجھائيندڙ ھو. جنھن کي سمجھڻ سان ڪافي وقت ضايع ٿيو. شڪيل ڀٽو لکيو ته هر سبجيڪٽ 45 سيڪڙو ئي هجي اسان کي ميرٽ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪي اميدوار پاس ٿيا آهن اهي بهترين استاد ٿي سگهن ٿا ٻيو ته بچيل سيٽن جي جلد اخبار ۾ اشتهار ڏنو وڃي ته ۽ ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي. جيڪو اهل هوندو اهوئي پاس ٿيندو. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته انتظام سٺا هئا پر شرط ڏکيا هئا غريب پاس نه ٿيندا امير پاس ٿي ويندا،نديم منگي لکيو ته غريب شاگردن کان چالان جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ورتا ويا جيڪي هڙپ ڪري ويا، محمد خالد ميمڻ لکيو ته اهي ڳالهيون به هلن ٿيون ته ڪجهه ماڻهو ٻين جي بدران به ٽيسٽ ۾ ويٺا، ڀرتين مهل پئسو ۽ سفارش هلندي، ساحل عالياڻي لکيو ته آءِ بي اي جي انتظاميا پاران ڪيل انتظام تمام بهترين هئا اڪثر ڏٺو وڃي ته ميرٽ جو فل خيال ڪيو اٿن، باقي قائم ڪيل سينٽرن تي سهولتون تمام گهٽ آهن، جنهن ۾ پاڻي توڙي بجلي پڻ شامل آهي، امام بخش لکيو ته سنڌ سرڪار جي حڪم تحت سڀ ڪجهه ٿيندو، اهي افواهه هلي رهيا آهن ته 25 لک رپيا ريٽ مقرر ڪيو ويو آهي، ساگر علي رضا لکيو ته آءِ بي اي سکر پاران ڪي خاص انتظام نه هئا، ٽيسٽ جا سوال ڄاڻي واڻي ڪري تمام مشڪل ڪڍيا ويا ته جئين ميرٽ تي ڪنهن کي به نوڪري نه ملي ۽ نوڪريون پئسن عيوض وڪرو ڪري سگهجن. جنيد جبار لکيو ته 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪيو وڃي، ٻيو ته 10 لک رپيا في آرڊر جا چئوٻول هلن ٿا ان جي باري ۾ پتو لڳائڻ گهرجي، صابر حسين ڪٽوهر لکيو ته سڀ انتظام بهتر هيا هاڻ ڏسڻو آهي ته ڇا آءِ بي اي به پنهنجا نوازي ڪري ٿي يا ميرٽ هلي ٿي، عبدالجبار شر لکيو ته پيپر ڏکيو هو، 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪري پاسنگ مارڪون ڪل 40 رکيون وڃن. اياز احمد چانڊيو لکيو ته آءِ بي اي وارن امتحاني شرط اهڙا ڏکيا رکيا آھن جيڪي وزير تعليم سميت ڪير به حل نه ڪري سگهندو، اهي شرط ختم ڪيا وڃن، پاسنگ مارڪون ٽوٽل 40 رکيون وڃن جيئن نوجوان روزگار سان لڳي وڃن. جاويد احمد لکيو ته اهو تاثر اڀريو آهي ته ادارو سياست جي ور چڙهي ويو آهي، بابر علي شر لکيو ته آءِ بي اي بهترين ادارو آهي، سڪندر مهر لکيو ته  مڪمل بايو مئٽرڪ سسٽم ڪيو وڃي ها، پاس ٿيڻ لاءِ مارڪون 40 ڪيون وڃن ۽ هر سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪيو وڃي. شنڪر باغي لکيو ته ٽيسٽن مان ڪو فائدو ڪونهي سرڪار نوڪريون انهن کي ڏيندي جنهن کي ڏيڻيون هونديون، منيش واسو لکيو ته پهرين ته ٽيسٽ تمام ڏکي رکي اٿن، هن وقت جيڪو هارڊ ايرياز لاءِ 40 سيڪڙو پاسنگ مارڪس واري پاليسي آندي اٿن انهي ۾ ٿرپارڪر اچي ٿو، مون مانيٽرنگ اسسٽنٽ جي ٽيسٽ ڏني هئي انهي ۾ منهنجون 45 مارڪون هيون اڃا تائين آرڊر ناهي مليو، بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل شرط ٻهراڙي جي اميدوارن لاءِ دشمني تي مبني آهن، اهڙي سخت ٽيسٽ ڪميشن جي برابر آهي، آدم پتافي لکيو ته ٽيسٽ جو معيار ڪميشن واري امتحان جهڙو رکيو ويو آهي، سيده ايمي به سروي ۾ حصو ورتو، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته انتظام بهتر هئا، 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪيو وڃي، گڙداري لال لکيو ته آءِ بي اي هن ڀيري سنڌي ٻولي کي سٺي اهميت ڏني آهي، مدثر کهاوڙ لکيو ته آءِ بي اي سکر وارن اهڙو پيپر ڪڍيو، اميدوار ته پري جي ڳالهه پر استادن سميت تعليم وارو وزير سردار شاهه به پيپر حل نه ڪري سگهندو، آصف علي لکيو ته پاسنگ مارڪون 50رکيون وڃن، اسلم بجير لکيو ته 40 مارڪون رکيون وڃن، محمد حسن بلوچ لکيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ تمام ڏکئي ٺاهي هئي جنهن جي ڪري اميدوارن جي اڪثريت فيل ٿي آهي،  ڪافي سيٽون خالي رهجي وينديون. رشيد احمد لکيو ته آءِ بي اي سٺا انتظام ڪيا هئا، آصف علي جوکيو لکيو ته هر سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ واري شرط تي نظرثاني ڪئي وڃي، اسلام الدين سميجو لکيو ته 30 سيڪڙو سوال نصاب کان ٻاهر هئا، اسد ماڇي لکيو ته ٽيسٽ ڏکي ھجي يا سولي پر غريب کي نوڪري ڪونه ڏيندا، امتياز جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، شبير سهتو لکيو ته 80 سيڪڙو اميدوار فيل ٿيندا، مظفر عباسي لکيو ته ٽيسٽ وٺڻ جو ڪو طريقو ناهي، ڪهڙا سوال پڇڻ گهرجن ڪهڙا نه، اهو طريقيڪار ناهي، حاجي خان پنهور لکيو ته ڇا ميرٽ ٿيندي؟  سليم اختر لکيو ته ٽيسٽ جا انتظام سٺا هئا پر شرط ڏکيا آهن، پيپر ايترو ڏکيو ٺاهيو ويو آهي جو متان آءِ بي اي سربراهه پاڻ به حل نه ڪري سگهي، واحد بخش لکيو ته هاءِ ليول جو سوالي پيپر هو، راشد لطيف لکيو ته گهٽ ماڻهو پاس ٿيندا ۽ افواهه آهن ته پئسا هلندا، زاهد دشتي لکيو ته 50 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، شاهد شر لکيو ته پيپر منجهائيندڙ هو، برڪت بجير لکيو ته انتظام بهتر هئا، رزاق ڍاٽي لکيو ته پيپر اهڙو آهي جو تعليم وارو وزير به نه ڏئي سگهندو، يعقوب کوسو لکيو ته پرائمري اسڪول مڪمل طور اين جي اوز حوالي ڪيا وڃن، وقار احمد گڏاڻي لکيو ته انتظام صحيح آهن، اسلم سومرو لکيو ته پاليسي بلڪل درست آهي ڀرتيون پاليسي مطابق ڪيون وڃن جيڪي جايون بچي پون انهن تي ٻيهر اشتهار ڏنو وڃي. اعجاز بجير لکيو ته انتظام سٺا هئا، آفتاب چانڊيو لکيو ته آءِ بي اي سکر پاران 700 رپيا في شاگردن جي حساب سان اوڳاڙي کي نظر ۾ رکندي انتظام بھتر ۽ سھولت جوڳا نه ھئا، سنڌ جي تعليمي نظام، اسڪولن ۾ پڙھائيندڙ استادن، تعليمي نصاب، ڪاپي ڪلچر،سفارشي نظام کي نظر ۾ رکندي ٽيسٽ بلڪل مشڪل آهي آءِ بي اي پاران جاري ڪيل ٽيسٽ اسڪولن ۾ پڙھائيندڙ پرائمري، جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر ۽ ھاءِ اسڪول جي استادن کان ورتي وڃي ته دعويٰ سان چوان ٿو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ استاد پاس نه ڪري سگھندا، علي مراد جوکيو لکيو ته تمام منجهائيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ شرط آھن هر سبجيڪٽ ۾ 45 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ڪيو وڃي.