حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت  پاران مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن 21 فيبروري تي سڄي سنڌ ۾ ريليون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ مذاڪرا ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز شاھ، جوائنٽ سيڪريٽري رخسانه پريت، خزانچي مارو جمالي، آڊيٽر سجاد ميراڻي ۽ مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙي ڄاڻايو آهي ته 21 فيبروري تي مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو. هنن چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي شاخن کي سڄي سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ريليون، سيمينار، ڪانفرنسون، ميڙاڪا ۽ مذاڪرا ڪوٺائڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي. ھنن ايس يو پي پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڏھاڙو ملهائڻ واري اعلان جي به آجيان ۽ حمايت ڪئي آھي.