ممبئي(اسپورٽس نيوز)اڳوڻن ڪرڪيٽرن رڪي پونٽنگ، اينڊي فلاور ۽ جسٽن لينگر کانپوءِ آءِ پي ايل ۾ راجسٿان رائلز جي هيڊ ڪوچ ۽ اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪار به ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، آءِ پي ايل جي ٻئي پلي آف ميچ دوران راجسٿان رائلز جي شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪمار سنگاڪارا کان ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ بابت سوال ڪيو ويو. جنهن جي جواب۾ هن چيو ته ڀارتي بورڊ جي اعليٰ اختيارين ساڻس رابطو ناهي ڪيو ۽ نه ئي وٽس ايترو وقت آهي . واضح رهي ته ان کان اڳ اڳوڻا ڪرڪيٽر رڪي پونٽنگ، اينڊي فلاور، جسٽن لينگر به ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ کان انڪار ڪري چڪا آهن.