سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جي 59 ھزار کان وڌيڪ خوراڪون ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

0
211
خوراڪون ضايع ٿيڻ جو انڪشاف
سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جي 59 ھزار کان وڌيڪ خوراڪون ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جي 59 ھزار کان وڌيڪ خوراڪون ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مارچ کان شروع ٿيڻ واري مھم جي دوران ھن مھل تائين ڪورونا مھم جون مختلف قسمن جون 59 ھزار کان وڌيڪ خوراڪون ضايع ٿي چڪيون آھن.

صحت واري شعبي موجب سڀني کان وڌيڪ ويڪسين سائنو ويڪ جي 18 ھزار 763 خوراڪون ضايع ٿي چڪيون، ٻئي نمبر تي ايسٽرازينيڪا جي 16 ھزار 754، سائنو فارم جي 14 ھزار 576 خوراڪون ضايع ٿي چڪيون آھن.

صحت جي شعبي جي عملدارن ٻڌايو تھ پاڪ ويڪ جي 6 ھزار 768 ۽ ڪين سائنو جون 2 ھزار 143 خوراڪون ضايع ٿيون جڏھن تھ موڊرنا ويڪسين جون 489 ۽ فائزر ويڪسين جون 38 خوراڪون ضايع ٿي چڪيون آھن.

صحت واري شعبي جي عملدارن موجب ويڪسين جي ضايع ٿيڻ ۾ ڪولڊ چين جي عدم فراھمي، ويڪسينينيٽر طرفان ويڪسين ڪڍڻ ۽ لڳائڻ دوران مس ھنڊلنگ، ويڪسين ڪرڻ، ويڪسين لڳائڻ وقت ويسيڪسين لڳائيندڙ ماڻھن جي طبيعت خراب ٿيڻ جا عمل بھ شامل آھن.