وزيراعظم عمران خان سومر تي ڪراچي جي دوري تي پهچندو

0
271

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان سومر تي ڪراچي جي دوري تي پهچندو ، جتي هو گرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪندو.

وزيراعظم، گورنر هائوس ۾ ڪراچي ۾ وفاقي منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت پڻ ڪندو.

وزير اعظم جي پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿيندو.