سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف وڏو چونڊ اتحاد ٺاهڻ لاءِ شهباز جون پير پاڳاري ۽ ٻين سان ملاقاتون

0
87
سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف وڏو چونڊ اتحاد ٺاهڻ لاءِ شهباز جون پير پاڳاري ۽ ٻين سان ملاقاتون
سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف وڏو چونڊ اتحاد ٺاهڻ لاءِ شهباز جون پير پاڳاري ۽ ٻين سان ملاقاتون

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مخالف وڏو چونڊ اتحاد ٺاهڻ لاءِ شهباز شريف جون پيرپاڳاري، جي ڊي اي جي ٻين اڳواڻن ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقاتون، شهباز شريف پارٽي اڳواڻن اياز صادق، خواجا سعد رفيق، مريم اورنگزيب، بشير ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ راجا هائوس پهتو

 نون ليگ جي وفد ۽ جي ڊي اي قيادت جي ملاقات دوران صدر الدين شاهه، مرتضيٰ جتوئي، ذوالفقار مرزا، حسنين مرزا، زين شاهه، اياز لطيف پليجو  ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا، عام چونڊن دوران سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون

 ان کان اڳ شهباز شريف پارٽي وفد سان گڏ ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادر آباد پهتو، نوازليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاران سياسي چئلينجز کي گڏجي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ايم ڪيو ايم اسان جي سنجيده پارٽنر آهي، اڳ به چئلينجز کي گڏجي منهن ڏنو ۽ هاڻي به گڏجي منهن ڏينداسين، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان چونڊ اتحاد ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون

هن چيو ته ايم ڪيو ايم وٽ نوازشريف جو پيغام کڻي آيو آهيان، چونڊ اتحاد ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ٽن ڏينهن اندر مشاورت بعد متفقه فيصلو ڪنداسين

 خالد مقبول چيو ته ايم ڪيو ايم سدائين وفاقي جماعتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي آهي، ڪراچي کي سدائين نظرانداز ڪيو ويو آهي، هاڻي ڪراچي کي نظر انداز ٿيڻ نه ڏينداسين