سنڌ ۾ منشيات جي تياري، وڪرو ۽ واهپو

0
290
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

سنڌ ۾ منشيات جي تياري، وڪرو ۽ واهپو عام آهي ۽ انڪار جي واريءَ ۾ مٿو لڪائي انتظاميا ان جو اقرار ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي. ڪڏهن منشيات پوليس موبائلن مان پئي هٿ اچي ته ڪڏهن اسپتال جي ايمبولينسن مان پئي پڪڙجي. ڪنهن به سماجي برائيءَ کي ختم ڪرڻ لاءَ پهريون مرحلو ان جي وجود کي مڃڻ هوندو آهي ۽ پوءِ ئي ان جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ ممڪن هوندو آهي. انتظاميا انهن سماجي برائين جو اقرار ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. منشيات سبب سنڌ جو نوجوان نسل تباهه پيو ٿئي، پر لڳي ائين ٿو ته، سنڌ جي منتظمين کي ڪو به اونو ڪونهي.

شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جو سنڌ ۾ ‘منشيات’ پڪڙجڻ يا وري ماڻهن جي منشيات وگهي حياتين کان محروم ٿيڻ جون خبرون رپورٽ نه ٿينديون هجن، پر سنڌ جي منتظمين جي نظرن مان شايد اهي نٿيون گذرن، تڏهن ته اهي ميڊيا جي سامهون اهو چوندي دير نٿا ڪن ته سنڌ ۾ منشيات جا ڪارخانا نه آهن. اهو ڀلا فرض به ڪري وٺجي ته سنڌ ۾ منشيات جا ڪارخانا ناهن ته پوءِ ڀلا اها منشيات ڪٿان ٿي اچي، جنهن جو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڪرو ۽ واهپو جاري آهي؟ سرڪاري ايمبولينسن ۾ چرس ۽ ٻي منشيات سپلاءِ پئي ٿئي، جنهن جو مثال سجاول اسپتال جي، ماڊل ڪالوني ڪراچيءَ مان منشيات سميت پڪڙيل ايمبولينس آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ 13 سالن جي ٻارڙي جي منشيات واپرائڻ واري وڊيو وائرل ٿي هئي، اها منشيات ڪٿان ٿي اچي؟ سنڌ ۾ فيڪٽريون ته موتمار، خطرناڪ ۽ جديد هٿيارن جون به ناهن ته پوءِ اهي هٿيار ڪٿان ٿا اچن، جيڪي ڌاڙيل استعمال ٿا ڪن يا وري قبيلائي دهشتگرديءَ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن؟ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ “ڪڙي ۽ قاتل” جو بَٺيون آهن، جتي پوليس جي سرپرستيءَ ۾ ڪچو شراب/ٺرو ٺهي ۽ وڪرو ٿئي ٿو. شام ٿيندي ئي موکيءَ وارا مَٽ اپٽجن ٿا، گهٽين ۾ موالين جون هسٽريائي رڙيون هونديون آهن. فرسٽريشن ۽ نراسائيءَ جا شڪار ماڻهو اهو ‘اسم’ واپرائين ٿا. جنهنڪري اهي نه صرف جسماني بيمارين جو شڪار ٿين ٿا، پر اتي ذهني صحت ۽ سگهائي به وڃائي ٿا ويهن. منشيات جي تياري، وڪرو هڪ منظم رٿابنديءَ تحت همٿايو پيو وڃي، جنهن ڪري نوجوان نسل “آفيمي چينين” وانگر تباهه ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ آفيم، چرس، آئس، ٺري، گٽڪي ۽ مين پڙي جو وڪرو عام آهي. اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي ته منشيات جي تياري، وڪرو ۽ واهپو عام هجي پر پوليس کي پتو ئي نه پوي؟ سنڌ ۾ گٽڪي ۽ مين پڙين جي تياري، وڪرو ۽ واهپو عام آهي، جنهن ڪري وات ۽ نڙيءَ جو ڪئنسر تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي. هزارين ماڻهو گٽڪو ۽ مين پڙي واپرائڻ سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن، اها ايف آءِ آر ڪنهن تي ڪٽرائجي؟ ان کان سواءِ ٻيون خطرناڪ ڪيميڪلز واريون پڙيون، جهڙوڪ: سفينه، ايڪيهه سئو وغيره ته عام گٽڪي ۽ مين پڙين کان به خطرناڪ آهن. گٽڪي ۽ مين پڙي جي تياري، وڪري ۽ واهپي خلاف ڪريڪ ڊائون ته ٿيندو رهي ٿو، پر ان ۾ جيڪي ماڻهو گرفتار ٿين ٿا، انهن کي ڪا وڏي سزا نٿي ملي، جيڪو صرف ۽ صرف قانون ۾ سقم جي ڪري آهي، ڇو ته انهن کي منشيات ۾ نٿو ڳڻيو وڃي. انهن جي ڳڻپ “مضرِ صحت” شين طور ٿئي ٿي. هونئن ته سگريٽ جي پئڪيٽ تي به “مضرِ صحت” لکيل هوندو آهي، پر ڇا سگريٽ، گٽڪو، مين پڙي (سفينه، ايڪيهه سئو وغيره) هڪ ئي ڪئٽيگريءَ ۾ شامل هجڻ گهرجن؟

اسان سمجهون ٿا ته گٽڪي ۽ مين پڙين جي صورت ۾ ٿيندڙ ڪئنسر جو وڪرو ايستائين بند نه ٿي سگهندو، جيستائين انهن شين لاءِ قانونسازي ڪري انهن کي “منشيات” جي ڪئٽيگري ۾ شامل ڪري سخت سزا مقرر نه ڪئي ويندي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ هلندڙ ڪچي شراب/ٺري جون بٺيون بند ڪرايو وڃن، جيڪي پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلن ٿيون. قانون سازي ڪري گٽڪي ۽ مين پڙي کي منشيات جي ڪئٽيگري ۾ شامل ڪري سخت سزائون تجويز ڪيون وڃن. منشيات جي تياريءَ ۽ وڪري جي سرپرستي ڪندڙ پوليس عملدرن/اهلڪارن کي نوڪرين مان ڪڍيو وٺي.