سنڌ ۾ صوبائي تڪن تي پ پ کي برتري، اهم اميدوار ڪامياب

0
170
سنڌ ۾ صوبائي تڪن تي پ پ کي برتري، اهم اميدوار ڪامياب
سنڌ ۾ صوبائي تڪن تي پ پ کي برتري، اهم اميدوار ڪامياب

ڪراچي: اليڪشن 2024 جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچڻ جو سلسلو جاري آهي

سنڌ اسيمبلي جي تڪن تي پيپلز پارٽي جا اهم اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن

پي ايس 77سيوهڻ جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن موجب پيپلز پارٽي اميدوار اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه67513ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته جي ڊي اي اميدوار روشن ٻرڙو7920ووٽ کڻي سگهيو آهي

سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 61 حيدرآباد 2 تي به غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي شرجيل ميمڻ کي ڪاميابي ملي آهي، جڏهن ته جي يو آءِ جو سعيد ٽالپر هارائي ويو آهي

ڏوڪري جي صوبائي تڪ پي ايس13جي190جا مڪمل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ95700ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته جي يو آءِ جو حافظ نصير احمد ڀٽو3102ووٽ کڻي هارائي ويو