سنڌ ۾ جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ کي گڏ کڻي هلنداسين:نواز ليگ اڳواڻ

0
85

ڪراچي: مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ خواجا سعد رفي راجا هائوس ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي ڊي اي سان اليڪشن اتحاد تي اتفاق ٿي ويو آهي

هن چيو ته جي ڊي اي 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن، گڏجي سنڌ جون محروميون ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، سنڌ ۾ جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ کي گڏ کڻي هلنداسين

 خواجا سعد رفيق چيو ته پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ اليڪشن وڙهڻ تي ويلڪم چئون ٿا، بلاول لاهور مان فارم ڀرايو آهي اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، پيپلزپارٽي وارا اهڙي دريا دلي جو مظاهرو ٻين لاءِ سنڌ ۾ به ڪن

 جي ڊي اي سنڌ جي صدر الدين شاهه راشدي چيو ته سنڌ جو نگران وڏو وزير پيپلزپارٽي جي حمايت ڪري رهيو آهي، 8 فيبروري تي اسان هاڻوڪي سسٽم کي ختم ڪنداسين، چئن جماعتن نوازليگ، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ جو چونڊ اتحاد ٿيندو

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف وڏو چونڊ اتحاد ٺاهڻ لاءِ شهباز جون پير پاڳاري ۽ ٻين سان ملاقاتون