ٽنڊو باگو: ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسنين مرزا جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض

0
229
ٽنڊو باگو: ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسنين مرزا جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض
ٽنڊو باگو: ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسنين مرزا جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض

ٽنڊو باگو: ٽنڊو باگو جي صوبائي تڪ پي ايس 70 تي جي ڊي اي اڳواڻ ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ حسنين مرزا جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض ڪيو ويو آهي

 تڪ جي ووٽر محمد خان رند پاران وڪيل معرفت داخل ڪرايل اعتراضن ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن پنهنجي شگر مل ۽ زمين لاءِ قرض کڻڻ بعد واپس نه ڪيا آهن، باقيدار هئڻ جي بنياد تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

 ذوالفقار مرزا جي وڪيل سڪندر علي خواجا آر او آفيس پهچي اعتراضن تي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت گهري ورتي، رٽرننگ آفيسر سڀاڻي 3 وڳي تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي

 ذوالفقار مرزا جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ساڳيو اعتراض 2012 ۽ 2018 جي اليڪشن دوران به داخل ڪرايو ويو هو، ذوالفقار مرزا عدالتن ذريعي اهو اعتراض ختم ڪرائي 2012 ۾ ٽنڊو باگو مان اليڪشن کٽي هئي