سنڌ حڪومت ردعمل کانپوءِ ڇو ٿي جاڳي ؟

0
393

سنڌ جي ٻيٽن تي عالمي معيار جو شهر اڏڻ لاءِ جڏهن صدر پاڪستان پاران جاري ڪيل آرڊيننس گذريل سال آگسٽ ۾ سامهون آيو هو تڏهن آرڊيننس ۾ سنڌ جي ٻيٽن کي وفاقي ملڪيت قرار ڏنو ويو هو. سنڌ جي انهن ٻيٽن تي عالمي معيار جو شهر اڏڻ لاءِ سمورا اختيار پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڏنا ويا هئا جڏهن ته جن ٻيٽن جي سنڌ مالڪ آھي، ان سنڌ جو آرڊيننس ۾ ڪنهن ڪردار جو ئي ذڪر نه هو. اوهان کي ٻڌايان ته اهو آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد هڪ مهيني تائين ڪنهن کي ڪو پتو ئي نه لڳڻ ڏنو ويو هو پر اهو آرڊيننس جڏهن ميڊيا سنڌ جي ماڻهن آڳيان آندو ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي ان منصوبابندي کي سامهون نروار ڪيو تڏهن سنڌ جي عام ماڻهن جو شديد ردعمل آيو هو، تڏهن سنڌ سرڪار پاران اهو منصوبو شروع ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي اين او سي جاري ڪرڻ جو مامرو سامهون آيو ته سنڌ جي ماڻهن جي حيراني جي ڪا حد نه رهي هئي. سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي سرڪار جي ڪنٽرول تي سنڌ اندر آيل سخت رد عمل بعد سنڌ سرڪار ان منصوبي لاءِ جاري ڪيل اين او سي واپس وٺي ڇڏي ۽ ان بعد سنڌ سرڪار به سخت موقف اختيار ڪري بيهي رهي، ان ڪري سنڌ سرڪار ان پڇاڻي کان بچي وئي ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ سنڌ سرڪار، وفاقي سرڪار کي ڇو اين او سي جاري ڪئي هئي؟
پر ان بعد تازو نيب پاران لساني تعصب تي ٻڌل سنڌ سرڪار کي هڪ ليٽر لکيو ويو ته سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو وري بنا سوچي سمجهي نيب جي ان ليٽر تي عملدرآمد لاءِ مختلف سنڌ جي ادارن کي ليٽر لکي ڇڏيو. جڏهن نيب جي لساني تعصب ۽ ايم ڪيو ايم جي لساني سياست ۾ ٻيهر روح ڦوڪڻ واري ليٽر تي سنڌ حڪومت پاران عملدرآمد لاءِ ادارن کي ليٽر لکڻ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن،
ڇو ته نيب پاران لکيل ليٽر تي عملدرآمد لاءِ لکيل حڪم به سنڌ حڪومت تڏهن واپس ڪيا آھن جڏهن نيب جي تعصب تي ٻڌل ليٽر کي ميڊيا سامهون آندو ان بعد وڏي سطح تي عوامي ردعمل بعد سنڌ سرڪار عملدرآمد لاءِ جاري ڪيل ليٽر واپس وٺي ڇڏيا. سوال هي آھي ته سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو مامرو هجي يا نيب جي تعصب تي ٻڌل خط هجي ان تي سنڌ سرڪار پهريان اهو ئي سرڪاري طور ڪم ڪيو جيڪو وفاقي سرڪار يا نيب چاهي رهي هئي.
اوهان کي ٻڌايان ته نيب سنڌ سرڪار کي خط لکي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ، حيدرآباد ۾ ٻراڙي جي ڊوميسائيل تي نوڪري ڪندڙ سنڌين جا تفصيل طلب ڪيا هئا جنهن نيب جي خط تي سنڌ سرڪار عملدرآمد لاءِ خط به لکي ڇڏيو. جيڪڏهن ان سڌي سادي لساني تعصب تي ٻڌل خط جي نيت کي سنڌ سرڪار سمجهڻ کان قاصر آھي ته پوءِ اها سنڌ صوبي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي آئيني حقن جو دفاع ڪيئن ڪري سگهندي ؟ اهو سوال پيدا ٿيڻ ان ڪري فطري آھي جو تازو وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڪراچي اچي اهو بيان ڏنو ته “هڪ راءِ اها آهي ته ڪراچي ۾ بهارين ۽ سنڌين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪيا وڃن پر اهو مامرو منهنجي سطح کان وڏو آھي ” نه رڳو ايترو پر سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن کي پري رکڻ جا جتن ڏهاڪن کان ٿيندا رهيا آھن. هن پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ ايم ڪيو ايم ملسل اهي بيان ڏيندي رهي آھي ته ڪراچي ۾ اندرون سنڌ سان تعلق رکندڙن کي ڪراچي جي ڊوميسائيل تي نوڪريون ڏنيون ويون آھن. ان حوالي سان ايم ڪيو ايم عمران خان جي حڪومت اڳيان به مطالبا ڪندي رهي آھي اتحادين جي ٽيڪ تي قائم پي ٽي آءِ سرڪار ايم ڪيو ايم جي ڪهڙين فرمائشن تي سوچي رهي آھي.
ان بابت اوهان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي ان بيان جنهن ۾ ان غيرقانوني طور ڪراچي ۾ رهندڙ بهارين سان صوبي جي پنج هزار سالن کان وارث سنڌين کي گڏائي اڻ سڌي طور تي پنهنجي صوبي جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي غيرقانوني قرار ڏنو کي ڏسو يا وري ان بعد اهڙي سوچ جو مظاهرو ڪندڙ نيب جو سنڌ سرڪار کي لکيل خط لکڻ سان اهو واضح آھي ته صوبي جي گادي واري شهر ۾ سنڌين جي رهڻ واري صورتحال ڪجهه ڌرين کي ڪيترو بيچين ڪري ڇڏيو آھي. مان ته چاهيان ٿو ته سنڌ سرڪار نيب پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندڙ ٻهراڙي جي ڊوميسائيل وارن ملازمن جا تفيصل فراهم ڪرڻ واري نيب جي ليٽر تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏيندڙن کي جاچ ڪري وائکو ڪري، ڇو ته سينيٽ جي ايوان جو رڪارڊ گواهه آھي ته پيپلزپارٽي جا ڪراچي سان تعلق رکندڙ سينيٽر اهڙا به رهيا آھن جيڪي نه رڳو ڪراچي ۾ رهندڙ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي حق ۾ تقريرون ڪري چڪا آھن ڪٿي ان مامري ۾ پيپلزپارٽي ۾ موجود اھڙي ذهنيت رکندڙ ماڻهن ته نيب ليٽر تي عملدرآمد لاءِ ليٽر جاري نه ڪرايا آھن ان ڪم ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ ڇو نه ملوث هجي اهڙي مير جعفر کي نرورا ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهو مامرو معمولي نوعيت جو نه آھي. نيب کي ڪراچي ۾ رهندڙ پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ پنجابي ، ڪي پي صوبي جا پختون ، بلوچستان سان تعلق رکندڙ بلوچ ، پختون، گلگتي، ڪشميري ، افغاني مهاجر ،بهاري ، بنگالي ، برمي ۽ ٻيا غير ملڪي نظر ڇو نه آيا ڇو نه ان حوالي سان معلومات گڏ ڪجي ته هن وقت تائين ڪيترن پنجابين ، پٺاڻن، بلوچن، گلگتين، ڪشميرين ، بنگالين ، برمين ، افغانين ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ڊوميسائيل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي پاڻ کي سنڌ جو شهري بنائي چڪا آھن.
ڇا ٽنهي صوبن ، گلگت، آزاد ڪشمير ۽ غير قانوني طور تي رهندڙ مهاجرن کي ڪراچي جا ڊوميسائل ٺهرائڻ جو حق حاصل آھي ۽ ڇا رڳوٻهراڙين مان لڏپلاڻ ڪري پنهنجي صوبي جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ سنڌين کي رهڻ جو حق نه آھي. نيب جو ليٽير اصل ۾ ان ڪڌي، غليظ سوچ جي عڪاسي ڪري رهيو آھي جيڪا سوچ اصل ۾ ايم ڪيو ايم جهڙي لساني تنظيم جي سياست جو محور رهي آھي، جنهن جي قيام جي عمل کان سياسي محور تائين رياستي ادارن جي ايم ڪيو ايم کي پٺ ڀرائي رهي آھي. ان ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جڏهن رياست جي دائرن کي ڪراس ڪيو ته ايم ڪيو ايم کي پنهنجي قائد سان لاتعلقي ظاهر ڪرڻي پئي ،
ان بعد ايم ڪيو ايم ٽن واضح ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آھي. پي ايس پي به ان جي ڪک مان ڌار نڪتي آھي ڇا نيب جهڙي اداري کي استعمال ڪري ايم ڪيو ايم کي ٻيهر لساني بنيادن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ ڇا ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو وري پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ صوبي اندر رهندڙ اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ شهرين ۾ تعصب جي لڪير ڇڪڻ چاهي ٿي؟
ڪراچي ۾ جيڪڏهن اردو ڳالهائيندڙ شهرين لاءِ موقعا گهٽيا آھن ته انهن ۾ اول ۽ آخر ذميوار ايم ڪيو ايم آھي ڪراچي جي مختلف ڪاروبارن ، مارڪيٽن تي اثر سنڌي ڳالهائيندڙن جو نه پر ڪنهن ٻئي جو آھي جيڪي ايم ڪيو ايم سميت تعصب پرستن کي نٿا کُکن، رڳو انهن کي سنڌي ڳالهائيندڙ ئي کُکن ٿا. آخر ۾ ڪراچي ۾ بحريا ٽائون جي ڪلورن کي ڏسجي ته ان سان به پراڻيون سنڌي وسنديون ختم ڪرڻ ئي مقصد لڳي ٿو. افسوس ته ان زبردستي تي به جڏهن سنڌ جا ماڻهو جاڳيا تڏهن سنڌ سرڪار ڪو بيان ڏيڻ گوارا ڪيو. هن واقعي سوڌو مٿي جيڪي ٻيٽن ۽ نيب ليٽر جو ذڪر ڪري آيو آھيان انهن مامرن ۾ پهريان سنڌ سرڪار به ملوٽ ۽ غلط عمل ۾ شامل ۽ حصيدار رهي آھي، پر عوامي ردعمل اڳيان کيس بعد ۾ جهڪڻو پيو، اها سنڌ صوبي جي آئيني حقن جي درست مالڪي نه آھي. سنڌ جي ماڻهن سنڌ حڪومت کي مينڊيٽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ ڏنو آھي
سنڌ جي حق تلفين جو اهڃاڻ رکندڙ مامرن ۾ پهريان شامل ٿيڻ ۽ پوءِ ڀاڳين جي سڄاڳ ٿيڻ بعد پراڻي موقف تان يوٽرن وٺڻ مينڊيٽ جي لڄ رکڻ نه آھي. بحريا ٽائون جيڪو ڪجهه ڏاڍ ، طاقت جي زور تي ڪري رهيو آھي جيڪڏهن سنڌ حڪومت اگهور ننڊ ۾ هوندي ، انصاف جا ادارا متاثرن کي انصاف نه ڏيندا ، وفاقي سرڪار جيڪا ڪراچي مان مينڊيٽ ملڻ جي دعويدار آھي اها به ڀلي مجبوري ۾ بحريا ٽائون جي ٿيندڙ زيادتين تي خاموش رهي پر اهو يقين رکو انهن سڀني کي تاريخ هڪ ئي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريندي ۽ تاريخ انهن متاثرن سان انصاف ڪندي ۽ انهن سان ظلمن ڪندڙن تي اکيون ٻوٽي ويهندڙ، مال ڪمائيندڙ تاريخ ۾ ولين هوندا.