گلن جي مهڪ کي نه ماريو!

0
327

نثار احمد صديقيءَ کي گلن سان تمام گهڻو پيار هو، هن سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ گلن جو هڳاءُ ان وقت به پکيڙيو جڏهن اها هڪ نئين اداري طور اسري رهي هئي، هو هن يونيورسٽيءَ ۾ هر سال مارچ مهيني ۾ رنگ برنگي ۽ خوشبودار گلن جي نمائش ڪرائيندو رهيو ۽ جنهن سال سندس ساهه جون تندون ڇڄي پيون هيون ان سال به هن قسمين قسمين سوين گل يونيورسٽيءَ ۾ سجايا هئا. جيتوڻيڪ ان سال ڪووڊ-19 جو خوف ڦهليل هو پر هن گلن سان پيار گهٽ نه ڪيو. اها اداري جي بدنصيبي چئبي جو هن کي اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو پر هو 22 جون 2020ع تي فوت ٿي ويو ۽ هن کي انهن ئي گلڙن وارن يونيورسٽي جي هڪڙي پارڪ ۾ گلن جي ڀڪ ۾ دفنايو ويو. پر سندس پڄاڻان يونيورسٽيءَ لاءِ اها بدنصيب رات هئي جڏهن 26 اپريل 2021ع جي رات هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ ٻن ڇوڪرين يونيورسٽيءَ جي وي سي، رجسٽرار ۽ ٻين تي سنگين قسم جا الزام لڳايا. جن جا تفصيل ته ايندا رهيا آهن پر ان سموري مرحلي دوران يونيورسٽيءَ جي ان ناماچاريءَ جو به سنگين نقصان ٿيو آهي، جيڪا هڪ مهڪ جيان ملڪان ملڪ ڦهلجي وئي هئي. ناماچاري ته ان وقت به خراب ٿيڻ لڳي هئي جڏهن صديقي صاحب جي اڃان قبر آلي هئي ۽ وي سي شپ جي مسئلي تي ڇا ڇا نه ٿيو. هڪڙن جا نالا ايندا ويا ٻين جا نڪرندا ويا. اهليت ۽ حق جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. اهليت وارن کي مجبور ڪري سياستدانن جي حاضرين تي لڳايو ويو. فائيل ۾ نالا مٽبا رهيا ۽ نيٺ وڃي يونيورسٽيءَ سان تعلق رکندڙ پروفيسر ڊاڪتر مير محمد شاهه جو پُکو نڪتو ۽ کين ايڪٽنگ وي سي طور مقرر ڪيو ويو. پر سرڪار ان بعد سمهي پئي آهي ۽ ريگيولر بنيادن تي وي سي جي مقرري کانئن وسري وئي آهي. نه ته قائدن موجب ايترو وقت ريگيولر وي سي بنا يونيورسٽيءَ  هلائڻ جو مثال هن ملڪ ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. وي سي مقرري واري ڳالهه اڃان دٻيل آهي ۽ اها به يونيورسٽي کي اڳتي هلي ڌڪو ڏيندي نظر اچي ٿي. ٿي سگهي نثار احمد صديقي ڪنهن ڳالهه تي يا يونيورسٽي جي ڪنهن مفاد خاطر ڪو اڻويهه ويهه هڪ اڌ ڀيرا ميرٽ ڪمپرومائيز ڪيو هوندو پر هو نيپوٽزم جي سخت خلاف هو ۽ ميرٽ تي ايمان رکندڙ هو. صديقي صاحب پڄاڻان هي يونيورسٽي ٻه جهٽڪا کائي چڪي آهي اڃان سال به ناهي گذريو ۽ ايندڙ وقت به ڪنهن نه ڄاتو آهي.  يونيورسٽيءَ جي وڊيو اسڪينڊل ۾ جتي جنسي حراسمينٽ جي ڳالهه سامهون آئي اتي بي انتظامي جي معاملن جو به پڙاڏو ٿيو آهي جنهن ۾ خاص ڪري پنهنجا نوازڻ يا سنڌ جي ٻين پبلڪ يونيورسٽيز جيان ڪجهه فردن وٽ ٻن کان وڌيڪ شعبن يا ڪمن جي چارجز رکڻ به شامل آهي. وڊيو اسڪينڊل ۾ موجود هڪ ڇوڪري ته اها آهي جنهن جي پڙهائي جو خرچو نثار صديقي صاحب ڀريندو هو ۽ هُو اهڙين ٻين نياڻين جي به اڻ اعلانيل مدد ڪندو هو. ان ڪري هن ڪيس جي نوعيت انتهائي سنجيدهه قسم جي آهي. ٻئي طرف رجسٽرار زاهد حسين کنڊ به نثار صديقي جي ئي فرزند حسين صديقي جي الزامن جي راڊار تي آيل آهي، زاهد حسين کنڊ، نثار احمد صديقي صاحب جو اعتماد وارو آفيسر رهيو آهي ۽ ان کي يونيورسٽي جي ڪنهن معاملي تي هڪ ڀوتار گوليون به هڻايون جن جو اثر سندس جسم ۽ ذهن تي اڃان سوڌو به آهي. ساڳئي وقت هاڻوڪو قائم مقام وي سي به نثار احمد صديقيءَ جي اعتماد وارن پروفيسرن مان رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ گلن سان مهڪندڙ ۽ سمورن جي محنتن سان علم جي خوشبو پکيڙيندڙ هي ادارو سنڌ جي ساڃاهه جي ساهه ۾ ڌڙڪندڙ آهي ۽ هن جي ساک تي سموري سنڌ کي فخر آهي.
مون نثار صاحب پاران هر سال گلن جي نمائش جو ذڪر ڪيو بظاهر انهن گلن ۾ ئي پيل روين جي ڪنڊن هن يونيورسٽيءَ جي ساک کي ڦٽي وڌو آهي. يونيورسٽي انتظاميا پاران هر سال جيان هن سال به مارچ مهيني ۾ گلن جي نمائش ڪرائي وئي ۽ هيل ان کي مرحوم نثار احمد صديقيءَ جي نانءُ ڪيو ويو. اهو تمام سٺو عمل هو پر سورنهن مارچ  تي يونيورسٽي پاران آسٽريليا مان گهرائي ڊپٽي ڊائريڪٽر هيومن ريسورس طور مقرر ڪيل حسين صديقيءَ جو هڪ اسٽيٽس سوشل ميڊيا جي گروپس تي آيو. جنهن ۾ هن انگريزيءَ ۾ هڪ نوٽ لکيو جنهن جو مفهوم هو ته: “منهنجو والد آءِ بي اي سکر جو بنياد وجهندڙ آهي، سندس وفات بعد مان ٻيهر سکر اچي رهيس ۽ مون آسٽريليا ڇڏي پنهنجي پيءُ جي وراثتي ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آءِ بي اي کي جوائن ڪيو. پر بدقسمتيءَ سان نثار احمد صديقيءَ جي ياد ۾ ڪرايل پروگرام ۾ مون سميت ڪنهن به ڪٽنب جي ڀاتي کي نه گهرايو ويو جنهن ڪري وڏي تڪيلف پهتي آهي. مون ڏٺو آهي ته جڏهن کان مان پاڪستان پهتو آهيان، يعني 6 نومبر 2020ع کان، مون کي آءِ بي اي جي ڪنهن هڪ به تقريب ۾ ناهي گهرايو ويو. مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ مان آءِ بي اي سکر جو حصو ئي ناهيان ۽ اختياريون مون کي نظر انداز ڪنديون رهن ٿيون. مان اهو ان ڪري سليان ٿو جو سکر آءِ بي اي منهنجي رڳن ۾ شامل آهي.” سو اهو پهريون آواز هو جيڪو هن اداري جي هاڻوڪي وڊيو اسڪينڊل کان اڳ سامهون آيو. حسين صديقي ان وڊيو اسڪينڊل جو ماسٽر مائينڊ آهي يا ناهي يونيورسٽيءَ جي رپورٽ ڪيتري حق تي آهي ڪيتري ڪوڙ تي، ڇوڪرين جا الزام اجايا آهن يا سچا اهي سڀ عنصر پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت وارا آهن. پر جيڪا اهم ترين ڳالهه آهي اها هن اداري جي ساک جي آهي. لڳي ايئن رهيو آهي ته معاملي جي تهه تائين پهچڻ بجاءَ ۽ ان کي منطقي انجام تي پهچائڻ جي اڻسڌي طرح سڀ جا سڀ ڄڻ اداري کي ٻوڙڻ وڃي رهيا آهن. ڏي جواب وٺ جواب. ۽ هرڪو پاڻ کي سچو ثابت ڪرائڻ لاءِ نياڻين جون وڊيوز سامهون پيو آڻي يا ڪي اڻ ڏٺا هٿ ان جي ايڪسپلائٽيشن پيا ڪن! يا ڪا اندروني مفادن جي جنگ آهي پر جيڪو ڪجهه به آهي هن اداري جي ڦهليل مهڪ مرڻ نه گهرجي ۽ ڪوتاهين جو ازالو ڪرڻ گهرجي ۽ اداري جي چڱائين جي خوشبو وڌيڪ ڦهلجڻ گهرجي.