سبسڊي عوام يا واپارين ۽ عملدارن لاءِ !؟

0
192
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

فاروق سومرو سکر مان لکي ٿو

وفاقي حڪومت طرفان عوام کي سستي اگھن تي معياري کاڌ خوراڪ جون شيون فراھم ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي ڪارپوريشن ذريعي وڏي پئماني تي سبسڊي ڏني وئي ته جيئن خاص ڪري پورھيت ۽ غريب طبقو ان سبسڊي مان لاڀ ماڻي سگھي، پر اُن جي ابتڙ يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي ڪرپٽ عملدارن ھر ڀيري جيان ھن ڀيري به وفاقي حڪومت طرفان ڏنل سبسڊي کي پنھنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي اُھي سبسڊي وارا ائٽم وڏي پئماني تي مبينا طور منافعي خور واپارين کي وڪرو ڪري ڪرپشن جي بازار گرم ڪئي وئي آھي. وفاقي حڪومت اٽي تي سبسڊي ڏيندي 10 ڪلو واري ٿيلھي جو اگھه 400 روپيا مقرر ڪيو، ڄاڻايل اٽو عام مارڪيٽ ۾ 650 کان 700 روپين ۾ وڪامي رھيو آھي، اھڙي طرح يوٽيلٽي اسٽور تي کنڊ في ڪلو 68 روپيا مقرر ڪئي وئي، جڏھن ته کنڊ عام مارڪيٽ ۾ 95 کان 100 روپيا في ڪلو وڪامي رھي آھي، اھڙي طرح وفاقي حڪومت گيھه عام مارڪيٽ کان 100 روپيا گھٽ اگھه تي وڪرو ڪرڻ لاءِ سسبڊي ڏني آھي، چانھه جي پتيءَ تي 80 کان 100 روپيا، چانور، دالين، شربت، مصالحن سميت ٻين ائٽمن تي پڻ سٺي سبسڊي ڏني وئي آھي. پر عوام جي اڪثريت يوٽيلٽي اسٽورن تان سبسڊي وارا ائٽم خاص ڪري اٽو، کنڊ ۽ گيھه نه ملڻ جون شڪايتون ڪندي رھي آھي. يوٽيلٽي اسٽور تي عام خريدار کي پنج ڪلو کنڊ وٺڻ جي صورت ۾ 150 کان 200 روپين جو ٻيو سامان به خريد ڪرڻ جو پابند بڻايو ويندو آھي. اھڙي طرح سسبڊي وارن ائٽمن سان گڏ مارڪيٽ کان مھانگا ائٽم به عوام کي خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آھي، جنھن پورھيت وٽ ايتري گنجائش ناھي ھوندي ته کيس کنڊ کان بغير ئي واپس اماڻيو ويندو آھي. وڏي پئماني تي سبسڊي وارا ائٽم جنھن ۾ خاص ڪري کنڊ، اٽو، گيھه منافعي خور تاجرن کي وڪرو ڪيا ويندا آھن، جنھن جا ثبوت مختلف وقتن تي وڊيوز طور سامھون آيا آھن جنھن ۾ کنڊ، اٽو توڙي گيھه منافعي خور تاجرن کي ڏيندي ڏيکاريو ويو آھي، کنڊ 5 ڪلو ۽ گيھه في ڪلو جي سان گڏ ٻيو سامان خريد ڪرڻ جو عوام کي پابند بڻائيندڙ يوٽيلٽي اسٽورن جا ڪرپٽ عملدار ڪٽن جا ڪٽا، ڪارٽونن جا ڪارٽون منافعي خور تاجرن کي سوزوڪيون، رڪشا ڀري ڏئي ڇڏيندا آھن. ايئن ناھي ته يوٽيلٽي ڪارپوريشن ۾ چيڪ اينڊ بيلنس لاءِ ٽيمون موجود ناھن، اُھي به موجود آھن پر انھن جي اڳيان سمورو ڪاروھنوار ھلي رھيو آھي پر انھن کي ڪنھن به قسم جي پرواھي ناھي، صرف خانا پوري ڪرڻ لاءِ مختلف يوٽيلٽي اسٽورن تي ڇاپا ھنيا ويندا آھن. يوٽيلٽي ڪارپوريشن ۾ وجيلنس ٽيمون موجود آھن جيڪي سبسڊي عوام تائين پھچڻ، سبسڊي وارا ائٽم منافعي خور تاجرن کي فروخت نه ڪرڻ سميت ٻين معامرن کي ڏسن ٿيون، پر ان باوجود وڏي پئماني تي اٽي، گيھه ۽ کنڊ جي ڊيبٽ جاري ٿيڻ باوجود اُھي ٽيمون اگھور ننڊ ستل آھن. اڳ اٽي، کنڊ توڙي ٻين ائٽمن ۾ وڏي پئماني تي خرد برد ڪندڙ سوگھا ڪيا ويا انھن خلاف ڪجھه ڏينھن لاءِ وقتي ڪارروائي ٿي پر اُھي اڄ به اندورني طور تي سمورو ڪاروھنوار ھلائي رھيا آھن، جيڪي اڇي ڪار جا مالڪ بڻيل آھن.
تازو ئي ايف آءِ اي کي وفاقي حڪومت طرفان يوٽيلٽي ڪارپوريشن ذريعي عوام کي ڏنل سبسڊي ۾ خرد برد، ڪرپشن توڙي منافعي خور تاجرن کي سبسڊي وارا ائٽم فروخت ٿيڻ جون شڪايتون مليون، جنھن تي ايف آءِ اي سکر جي ايس ايڇ او نثار احمد ساوند، انسپيڪٽر عابد مري، انسپيڪٽر ثانيا قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گذريل چئن ڏينھن کان سکر توڙي لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف ويئر ھائوسز توڙي اسٽورن تي ڇاپا ھڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آھي. سکر، گھوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻو جي ويئر ھائوسز تي ڇاپا ھڻي اُتان جو جائزو وٺڻ سان گڏ کنڊ، اٽي، گيھه جي ڪوٽا، خريد فروخت سميت ٻيو رڪارڊ ايف آءِ اي جي ٽيم پنھنجي تحويل ۾ ورتو آھي. ساڳي ريت ڄاڻايل ٻنھي ڊويزنن جي مختلف ضلعن جنھن ۾ سکر، خيرپور، گھوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو جي يوٽيلٽي اسٽورن تي پڻ ايف آءِ اي جي ٽيمن ڇاپا ھڻي اُتان رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آھي. يوٽيلٽي ڪارپوريشن، فلور مل توڙي شگر مل مافيا جي مبينا ملي ڀڳت سبب اٽي ۽ کنڊ جي ماپ ۾ پڻ گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آھي. ايف آءِ اي جي ٽيم يوٽيلٽي اسٽورن تي وڃي جڏھن اٽي ۽ کنڊ جي ماپ ڪئي ته اُھا مقدار کان گھٽ ھئي، جنھن تي ايف آءِ اي جي ٽيم پڻ حيرت ۽ ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو. مليل ڄاڻ موجب يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي انتظاميا اٽي جا ڊيبٽس (ڪاغذي ڪارروائي ۾ وڪرو) جاري ڪندي آھي، يعني من پسند ۽ اعتماد وارن ايريا انچارجن ۽ يوٽيلٽي اسٽورن جي انچارجن ڏانھن اِھي ڊيبٽ اماڻيا ويندا آھن جن کي 200 کان 1000 تائين اٽي جي ڪٽن جي رقم ڏني ويندي آھي جيڪي ھو پنھنجي اسٽورن تان وڪرو ڄاڻائي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائيندا آھن، وڏي پئماني تي ڪرپشن باوجود ذميوارن خلاف ھن وقت تائين ڪو جوڳو قدم ناھي کنيو ويو. رمضان المبارڪ جي آمد وقت يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي موجودا زونل انچارج جاويد مشتاق سختيءَ سان ھدايتون جاري ڪيون ھيون ته ڊيبٽس جاري نه ٿيندا پر اِن باوجود وڏي پئماني تي ڊيبٽس جاري ٿيڻ جون شڪايتون منظر عام تي آيون، مختلف يوٽيلٽي اسٽورن جي انچارجن طرفان منافعي خور تاجرن توڙي پرائيويٽ ماڻھن وسيلي سبسڊي وارا ائٽم وڪرو ڪرڻ واريون وڊيوز سامھون آيون پر ان باوجود ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿي. ايف آءِ اي سکر جي ٽيم سبسڊي وارن ائٽمن ۾ خرد برد، ڪرپشن واري جاچ ڪري رھي آھي، جنھن لاءِ جنوري 2021ع کان 10 مئي تائين جو رڪارڊ پڻ تحويل ۾ ورتو ويو آھي، جيڪي گھڻ رخي جاچ ڪري رھيا آھن ته ڪھڙن طريقن سان سبسڊي وارن ائٽمن ۾ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، ھاڻي ڏسجي ته ايف آءِ اي پنھنجي انڪوائري ڪيتري عرصي ۾ مڪمل ڪري ٿي، ڇا ايف آءِ اي وڏي مھارت سان سبسڊي وارن ائٽمن ۾ خرد برد ڪرڻ ۽ منافعي خور تاجرن کي ائٽم وڪرو ڪندڙ يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي ڪرپٽ عملدارن کي بينقاب ڪري سگھندي؟ ڇا سبسڊي وارن ائٽمن جي ماپ گھٽ پيڪ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي؟ يا ھر ڀيري جيان ڪو بھانو بڻائي کين وري ڪرپشن ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي؟ وفاقي حڪومت طرفان معياري کنڊ، اٽي سميت ٻيا سبسڊي وارا ائٽم خريد ڪرڻ لاءِ سٺي رقم جاري ڪئي ويندي آھي ڇا اُن معياري شين بجاءِ غير معياري ۽ اُن معيار کان گھٽ معيار واريون شيون خريد ڪري پنھنجا کيسا ڀريندڙن ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ٿي سگھندي؟ ڇا يوٽيلٽي ملازمن جا حق کائيندڙ انتظاميا کي وائکو ڪيو ويندو؟ ڇا يوٽيلٽي ڪارپوريشن جنھن مقصدن لاءِ قائم ڪئي وئي ھئي اُن تي عمل ٿي سگھندو؟ يوٽيلٽي ڪارپوريشن کي ڪرپٽ عملدارن سبب وڏو نقصان پھتو آھي ڇا اختياريون ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪنديون؟ ضرورت اِن ڳالھه جي آھي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت طرفان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا پيا وڃن اُن تي عمل درآمد ڪيترو ٿي رھيو آھي اُن جو به جائزو وٺڻ حڪومتن جي ذميوارن جو فرض آھي. تنھن ڪري وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومتن کي خاص ڪري غريب ۽ پورھيت طبقي جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي، مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ سبب جيڪڏھن کاڌ خوراڪ واريون شيون ئي انھن کي سستن اگھن تي ملنديون ته انھن جو گذر سفر ڪجھه آسان ٿي سگھي ٿو.