سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پاڻي لاءِ ايندڙ صدائون

0
144
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ جي ڪهڙي ڪنڊ آهي جتان “پاڻي پاڻي ” جون صدائون نه اينديون هجن.اڳ ۾ اهي صدائون زرعي پاڻي لاءِ هونديون هيون پر هاڻِي حالت وڃي اها ٿي آهي جو چوپائي مال ۽ انسانن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ٿو ملي.صاف پاڻي ته ٿيو هڪ خواب پر ميرو گدلو،سينکيو مليل پاڻي به سڀني جي نصيب ۾ ناهي. ماڻهو خراب ئي سهي پر اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي لاءِ رڙيون ڪن ٿا.جيڪڏهن پاڻي جي اهميت جو ڪنهن کي اندازو لڳائڻو هجي ته ڪيڏي مهل هن نٽهڻ اس ۾ ڪاڇي جي ڪنهن ڳوٺ،ڪوهستان جي ڪنهن ڪنڊ ،ٿر جي ڪنهن چونئري ۽ ريگستاني علائقي جو ڪو ڏينهن ٻن جو سفر ڪري ڏسي ته کيس خبر پئجي ويندي ته ماڻهو ان بنيادي ضرورت کان ڪيئن محروم رکيا ويا آهن ۽ اهي پاڻي بنا ڪيئن زندگي گهاري رهيا آهن.؟ ٻئي طرف وري حالت اها آهي جو شهرن ۾ لائينن جون لائينون ڦاٽل هونديون ۽ پاڻي رستن تي وهي دٻن ۽ ڍنڍن جو ڏيک ڏيندو هوندو، انهي کي سنڌي ۾ چئبو آهي“ هڪ اڻهوند ٻيو افعال بڇڙا.” اهو مسئلو رڳو پيئڻ جي پاڻي سان ناهي پر زرعي پاڻي سان به اهڙي ئي حالت ڪئي ويندي آهي ڪٿي شاخون اٿلي پاڻِي زيان ڪنديون آهن ته ڪٿي سڪل ٺوٺ ٿيل شاخ سالن کان پاڻي لاءِ سڪندي رهندي آهي جنهن جو مطلب ٿيو ته پاڻي جي کوٽ سان گڏ انتظامي افعالن جي به کوٽ آهي جنهن ڪري انساني جياپي جي بنياد پاڻِي جي نه صحيح سنڀال ٿئي ٿي نه ئي درست ورهاست.

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪو هاڻوڪو مسئلو ناهي، اهو ڪيتري وقت کان وٺي سنڌ ڀوڳيندي ٿي اچي. خاص ڪري تڏهن کان جڏهن کان سنڌو تي ڊيم ۽ بئراج ٺهڻ شروع ٿياپر جهڙي حالت گذريل پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران سنڌ سان پاڻي جي مسئلي تي ٿي اهڙي حالت اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ شڪايتن جو مڪمل ازالو ڀلي نه ٿيندو هو پر ٻڌڻ جي حد تائين وفاقي حڪومت ۽ ارسا موجود هوندي هئي. پر جڏهن وفاقي سرڪار ئي سنڌ کي مخالف پارٽي جي حڪومت هجڻ ڪري سزا ڏيڻ تي لهي آئي ته پوءِ ارسا به ان جي نقش قدم تي هلندي سنڌ جي پاڻي جي چوري،ڌاڙي تي اکيون ٻوٽي ويٺي هوندي هئي نه رڳو اکيون ٻوٽي ويٺي هئي پر اها پاڻ به انهي چوري ۽ ڌاڙي ۾ شامل هوندي هئي جو  سنڌ کي 91 جي پاڻي ٺاهه مطابق حصو ڏيڻ بدران تاريخي فارمولي تحت ورهاست ڪئي ويندي هئي.

جنهن ڪري سنڌ جو پاڻي هڪ طرف چوري ٿيندو رهيو ته ٻئي طرف وري حصي کان به گهٽ ملندو رهيو. انهي جو نقصان سنڌ جي آبادگارن کي ٻيڻو ٿيندو هو جيڪو پاڻي اڳ ئي گهٽ ملندو هو اهو وري سنڌ جي حدن ۾ منصفاڻي ورڇ ۽ ورهاست نه ٿيڻ ڪري پڇڙي ۽ خاص ڪري ڪمزور آبادگارن کي گهٽ ملندو هو يا ملندو ئي نه هو جنهن ڪري سنڌ جي پڇڙي وارا علائقا اڄ تائين پاِڻي لاءِ احتجاج بڻيل آهن.اهي بدين جا سامونڊي علائقا هجن يا ٺٽي جي پڇڙي جا علائقا يا وري جوهي جا آبادگار جيڪي سدائين هر سال زمينون آباد ڪرڻ بدران احتجاج تي ويٺل هوندا آهن.هن وقت به سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي اها ئي صوتحال آهي جنهن جو وڏو نقصان زراعت کي ٿي رهيو آهي ڪڻڪ لهڻ کانپوءِ هاڻي ٻين فصلن خاص ڪري ڪپهه لاءِ جيڪڏهن پاڻِي نه مليو ته ان جو اثر معيشت تي به پوندو ڇاڪاڻ ته ڪپهه ڪيش ڪراپ آهي جنهن جي ايڪسپورٽ سبب ناڻي جي ذخيرن تي به فرق پوندو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ سان هر معاملي ۾ وفاق جي ٿيل زيادتين جو ازالو ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن وقت گڏيل حڪومت آهي ۽ موجوده وزريراعظم صوبن جي خوشحالي کي ئي پاڪستان جي خوشحالي سڏي رهيو آهي. تنهن ڪري سنڌ سان جيڪا پاڻي جي معاملي تي زيادتي ٿي رهي هئي اها ختم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري۽ صوبائي حڪومت سٺي نموني سان پنهنجو ڪيس پيش ڪري، جيئن زراعت سان لاڳاپيل صوبو وڌيڪ زيادتي کان بچي سگهي  ۽ درياءَ جو مالڪ صوبو پاڻي ڦڙي لاءِ نه ترسي.