حيدرآباد ڀرسان هٿياربندن جو حملو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا سخت زخمي

0
179
حيدرآباد ڀرسان هٿياربندن جو

حيدرآباد (ن پ ا) حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ شير محمد ڳوپانگ ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

نوجوان آفاق گوپانگ موٽرسائيڪل تي مسمات شازيه ۽ مسمات نصرت گوپانگ کي ڀر واري ڳوٺ کڻي وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل ماڻهن مٿن فائرنگ ڪئي

هٽڙي پوليس موجب فائرنگ ۾ مسمات نصرت, مسمات شازيه ۽ آفاق گوپانگ زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، حالت خراب هئڻ سبب مسمات نصرت کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪجه عرصو اڳ ڄاڻايل ڳوٺ ۾ مسمات بانو ۽ سندس پٽ قتل ٿيا هئا، واقعي ۾ زخمي ٿيل عورت نصرت جو مڙس شمشاد جيل ۾ قيد آهي

 

شھدادپور ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڄڻو هاف فراءِ