پ پ ۽ ن ليگ ۾ مماثلت

0
173
گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ

  بلاول صاحب جي باجماعت لنڊن روانگي محض پرڏيهي وزارت جا مامرا حل ڪرڻ تائين محدود هئي يا ٻن طويل ترين مذاڪراتي ويهڪن وسيلي ٻنهي پارٽين ڪي پائيدار جمهوري پيل پايا به پختا ڪيا آهن؟ چئي سگهجي پيو ته پرڏيهي وزارت به ويچار هيٺ آئي آهي. ڇاڪاڻ ته طارق فاطمي جي تقرري ايئن چوويهن ڪلاڪن اندر بيڪ ٽو پويلين ٿي آهي جيئن يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ آءِ ايس آءِ کي گهرو وزارت حوالي ڪرڻ وارو آرڊر رول بيڪ ٿيو هو. اها ڳالهه ته پ پ طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ به موجود آهي جنهن ۾ چيو اٿن ته اسان ميثاق جمهوريت کي اپڊيٽ ڪيو آهي ته گڏوگڏ ملڪي ۽ عالمي صورتحال بابت به ليگ پ پ گڏيل لائحه عمل جوڙڻ بابت ڪي اصولي ڳالهيون طئي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون. جيڪا تصوير ٻنهي جماعت جي اڳواڻن جي اخبارن ڇاپي آهي ان ۾ نواز شريف ڪنڌ هيٺ ڪري جهڙو ڪر مراقبي ۾ ويٺل نظر پئي آيو بلاول جي وارن جي بيهڪ ۾ به نواڻ ڏسڻ ۾ پئي آئي ته اسحاق ڊار طبعي عمر جي ان ڏاڪي تي پئي نظر آيو جتان ڏڪ وڍجڻ جا آثار شروع ٿيندا آهن. “ڪون جيتا هي تيري زلف ڪي سر هوني تڪ.” مسلم ليگ ۽ پ پ جا جهنڊا ڪنڀار ۽ جهنڊا کوسا پرچم کي سر بلند رکڻ لاءِ اڄ به ميدان تي موجود آهن.

نعريبازي ڏسي چڪا آهيون تازو پاڻ پنجاب اسيمبلي ۾.  اڄوڪي رهاڻ ۾ پنهنجا مخاطب اهي ڪارڪن آهن جن کي سياسي معلومات ڏيڻ لاءِ ٻنهي جماعتن اندر موجود مماثلت بابت گفتگو ڪري کين آگاهه ڪرڻو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جو روشن مستقبل مطلوب آهي ته پوءِ هڪ ٻئي لاءِ همدرداڻو رويو اپنائڻو پوندو، ۽ جمهوريت کان ويندي ملڪي ترقي لاءِ  دور رس طويل عرصي وارا  پلان به جوڙڻا پوندا ته وسط مدتي منصوبابندي به ڪرڻي پوندي. هنگامي بنيادن تي به ڪي ترقياتي منصوبا ترتيب ڏيڻا پوندا. پاڻ اهي ڳالهيون ان ملڪ جي سياسي ڪارڪنن لاِ ڪري رهيا آهيون بدقسمتي سان جن جي سياسي تربيت نه ٿيڻ جي ڪري پاڻ وٽ هميشه هنگاما آرائي ۽ هلا گلا سياست کي سبقت ملندي پئي اچي. احتجاجي مظاهرا ۽ لانگ مارچ، سياسي پد کي گرمائڻ لاءِ ضروري آهن پر ڳالهه اتي اچي دنگ نٿي ڪري.

سياست به ڪثيرالجهتي ڪاروبار آهي، جنهن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ بين الاقوامي ۽ مقامي اسٽيڪ هولڊرز سان به صلاح مصلحت ڪرڻ اوس ضروري هوندو آهي. ڏسو تازي پراڻي پاڪستان ۾ جيڪا واپسي ٿي آهي ان ۾ لابنگ فرمن کان ويندي حسين حقاني پارن جا به نالا سامهون آيا آهن ته آمريڪي پوليس وٽ ڪو نقوي صاحب به ٿاڻن بلي ٿيل ٻڌجي پيو. جنهن لاءِ مشهور ڪيو اٿن ته سابق حڪمران ٽولي کي ٽڪي پئسي جي فراهمي ۾ موصوف  ڪليدي ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ليٽر گيٽ ته کڻي نعري جي حد تائين محدود هجي پر اها ڳالهه ٻه ويلا ماني کائيندڙ بني بشر آساني سان سمجهي چڪو آهي ته واشنگٽن کان ويندي پنڊي تائين اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ پيج تي بظاهر جن بيهاريو آهي اهي خفتي نڪي ڪوڪڙي آهن نڪو ڏاندن ۽ گهوڙن ڊوڙائڻ لاءِ ساجن سوائي ۽ اڏيري جي ميڙي جا ڪي بوسڪي پٽڪن وارا شاهه سوار همراهه آهن.

اوچتو مفتاح اسماعيل لاءِ آءِ ايم ايف جا در کلي ويا ته پرڏيهي ملڪن شهباز شريف کي مان شان سان مبارڪ سلامت جا پيغام به ارسال ڪري ڇڏيا. پس پرده انهن ڪاوشن ۽ ڪوششن لاِءِ جيڪا بيڪ ڊور ڊپلوميسي متحرڪ ٿي آهي ان جو ڪريڊٽ نوازشريف ۽ زرداري صاحب ڏانهن وڃي ٿو. لنڊن پلان لاءِ نيڪ خواهشات جو اظهار ڪندي پاڻ اچون ٿا مماثلت متعارف ڪرائڻ ڏانهن. ٻنهي پارٽين جا بانيڪار فوجي آمرن جي دور ۾ وزارتن دوران سياست سکيا آهن. ايوب خان وٽ سهڻي ذوالفقار کي اٺ ڏهه سال (اسڪندر مرزا سميت) پرڏيهي وزارت سميت ٻين پورٽ فوليوز وسيلي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. جڏهن ته جنرل ضياءُ الحق نواز شريف کي پالي تاتي “پنهنجي ڄمار هن کي ملي” واريون دعائون گهرندي رخصت ٿيو. اقتدار تان ٻنهي کي فوجي آمرن لاٿو. هڪڙي کي ته تخته دار تي چاڙهي ڇڏيائون ته ٻئي کي به ڦاسي گهاٽ کان سڏ پنڌ تي اچي ڇڏيائون.

ڀٽو سنڌي هو هن جو ڪيس لاهور ۾ هليو جڏهن ته ميان صاحب پنجابي هو هن جو ڪيس ڪراچي ۾ هليو. ٻنهي همراهن کي ٻوهي ۾ ڏيڻ لاءِ وعدي معاف گواهه سندا مقرر ڪيل چهيتا بڻيا. فيڊرل سيڪيورٽي فورس جو سربراهه ڀٽي تي شاهد بيٺو نالو هيس مسعود محمود. جڏهن ته سول ايوي ايشن جو سربراهه امين الله چوڌري نواز شريف تي سلطاني گواهه طور سامهون آيو. ڀٽي صاحب جو بچاءُ جو وڪيل (ميمڻ ڏيپلائي) ڪيس هلندي گذاري ويو. جڏهن ته نواز سريف جي وڪيل اقبال رعد کي گوليون هڻي ماريو ويو. اهي ٻئي خلد آشياني سنڌ جا ايڊووڪيٽ جنرل رهي چڪا هئا. اعجاز بٽالوي ڀٽي صاحب جي ڪيس ۾ استغاثي جو وڪيل هو. جڏهن ته ساڳيو بٽالي جو رهاڪو همراهه نواز شريف جي ڪيس ۾ ميان صاحب جي پينل جو سربراهه هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معزز جج جناب جسٽس شبير احمد کي انسداد دهشتگردي ڪورٽ جو جج نواز دور ۾ مقرر ڪيو ويو هو. موصوف نواز جو ڪيس هلائيندي ڪورٽ ۾ غيرمتعلقه افراد جي موجودگي تي اعتراض واريندي سماعت تان هٿ کڻي ويو. وري ڪيس عالي جناب عزت مآب رحمت حسين جعفري صاحب جي ڪورٽ سڳوري حوالي ٿيو. جيڪا پڻ دهشتگردي واري عدالت هئي.

ڀٽي صاحب جي دور واري چيف جسٽس جسٽس يعقوب علي خان کي اي ڪي بروهي ۽ شريف الدين پيرزادي جي نيڪ صلاحن ذريعي جنرل ضيا هٽائي انوارالحق صاحب کي چيف جسٽس مقرر ڪيو. ڀٽو به سيد خادم علي شاهه جي ضمانت تي رها ٿيو جڏهن ته نواز کي به سندس سس بيگم ڊاڪٽر رضيا حفيظ جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ پئرول تي ڇڏيو هئائون. ڀٽي جا ٻئي پٽ ٻاهر هئا ته نواز جا لخت جگر به ڪيس هلندي ملڪ ۾ ڪو نه هئا. ٻنهي ليڊرن جي بيگمات بيگم نصرت ڀٽو ۽ ڪلثوم نواز پارٽي جي قيادت لاءِ ميدان ۾ آيون. نواب محمد احمد خان جي قتل واري ايف آءِ آر اڇرهه لاهور جي ٿاڻيدار عبدالحئي نيازي ڪٽي هئي جڏهن ته نوازشريف کي به ٻه هزار ارڙهان ۾ هڪ ٻئي نيازي هٿان گهر ڀيڙو ڪيو ويو. جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل پرويز مشريف کي سينيئرز تان سپرسيڊ ڪري ڀٽي صاحب ۽ ميان صاحب کين غيرمضر سمجهي سينائي سربراهه مقرر ڪيا هئا.

ڀٽي صاحب پرڏيهي وڪيلن لاءِ رستا روڪ ڪندي لائسنس کان سواءِ ڪيسن جي پيروي تي بندش وڌي. نتيجي طور سندس پڳ مٽ يار ۽ بين الاقوامي سطح جو شهرت يافته وڪيل ريمزي ڪلارڪ جڏهن جسٽس مولوي مشتاق اڳيان پيش ٿيو ته مولوي صاحب ڀٽي صاحب جي آندل قانون مطابق کيس چيو ته افسوس!ٰ آئون قانون مطابق توکي ٻڌي نٿو سگهان. جڏهن ته انسداد دهشتگردي واريون ڪورٽون قائم به نواز دور ۾ ٿيون هيون نيٺ انهن ئي ڪورٽن ۾ هوائي جهاز جي هاءِ جيڪنگ وارو ڪيس هليو. نواز کي ٻه ڀيرا جنم ٽيم پنج لک ڏنڊ ۽ جائيداد جي ضبطي کي منهن ڏيڻو پيو. جڏهن ته استغاثي ۾ التجا ٿيل هئي ته هوائي جهاز ۾ پرويز مشرف سميت هڪ سئو ستانوي ماڻهو سوار هئا. نواز شريف خلاف ايف آءِ آر ايئرپورٽ ٿاڻي تي درج ٿي هئي.

ايس ايچ او هو وقار ملهڻ. چون ٿا ته نوابشاهه جو هو. همراهه بيان ۾ چيو ته هٿ اکر منهنجا ناهن. استغاثي جو زور هو ته نواز کي هڪ سئو ستانوي ماڻهن کي مارائڻ جو ڏوهه ثابت ڪجي. ڪراچي ايسٽ جو ايس ايس پي محترم بشير ميمڻ هو. هن جو دلچسپ بيان آهي ته اڪبر آرائين ڊي آءِ جي ۽ آئون ايئرپورٽ پهتاسين. غوث علي شاهه صاحب به ويٺو هو. راڻا مقبول احمد بن غلام محمد سڪنه فيصل آباد جن آءِ جي هئا. جهاز لاءِ هدايتون پئي ڏنائين. مون ۽ اڪبر ڏٺو ته آرمي اچي چڪي آهي. ايئرپورٽ جو ڪنٽرول به سنڀالي ڇڏيو اٿن. اسان آءِ جي ۽ چيف ايڊوائزر سيد غوث علي شاهه بن سيد نواز علي شاهه سڪنه بنگلو نمبر 34-1 ڊفينس ڪراچي جا فرمان عاليشان مڃڻ کان نابري واري وڃي گهر ڀيڙا ٿياسين.

نواز شريف آخر دم تائين عدالتن جو احترام ڪندو رهيو. جڏهن ته ڀٽي صاحب جي عدم مماثلت اها آهي ته هن شروع ڏينهن کان ڪورٽن جا ۽ ججن جا جڻ ٻچا رولي ڇڏيا. نواز کي بيان صفائي ۾ جيل جي سختي، بيت الخلا جي ڌپ ۽ پاروٿي ماني جهڙا هلڪا ڦلڪا روڄ راڙا ڪندي ججن کي سهولتن لاءِ عرض گذاريندي ڏسجي ٿو. جڏهن ته ڀٽي صاحب جي بيان صفائي کي ڏسجي ٿو ته موصوف اتي به ملڪ ۽ قوم لاءِ پاڻ پتوڙيندي نظر اچي ٿو: “آئون روايتي طرح سان صفائي ڏيندي اوهان جو ٿورو مڃان. ان کي ضروري نٿو سمجهان پر رسم زمانه طور جيئن ڪهاوت آهي ته“روم ۾ رهو ٿا ته رومين جيان رويا رکو” آئون انهي اجازت لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان. آئون هڪ سال کان ڪال ڪوٺڙي جي ننڍي ڪمري ۾ واڙيل آهيان. اڄ ڪورٽ سڳوري جو ڪشادو ماحول مون کي اجنبيت جو احساس ڏياري رهيو آهي. اڄ جيئن ته هتي ڏيساور ملڪن جا سفير ۽ بين الاقوامي پريس موجود آهي. آئون پنهنجي جسم تي موجود تشدد جا نشان ڏيکاري جڳ هنسائي جو موقعو نٿو فراهم ڪرڻ چاهيان. ملڪ جو وقار مون کي عزيز آهي.

آئون ٽيهتر جي آئين جو خالق آهيان ان ڪري آئيني ادارن کي بدنام ڪرڻ نٿو گهران. سرڪاري وڪيل مون کي نالي ماتر مسلمان ڪوٺيو آهي. آئون ڪنهن جي هتڪ ڪونه ڪندس. مون کي شرف انسانيت جي تربيت مليل آهي. جيڪڏهن سنوان سڌا شاهد نه مليا ته ٽيليفون کي بڻياد بڻائي مون کي سزاءِ موت ڏياري اٿن. آئون ڇا لاءِ احمد رضا قصوري جي تقريرن تي برهم ٿيندس. آئون ويهه سال هن ايوان جو ميمبر رهيو آهيان، ٿڌيون ڪوسيون سڻڻ ۽ ٻڌڻ جو هيراڪ آهيان. آئون ڪال ڪوٺڙي ۾ آهيان مون نوي ڏينهن کان سج جو منهن ناهي ڏٺو جڏهن ته مون نوي هزار قيدي هندستان جي جيلن مان پنهنجي سفارتي مهارت سان ڇڏايا هئا. مون کي کر صلاحيو ته هل ته هلون هي ملڪ ڇڏي. چيومانس ته تون ڀلي وڃ آئون ڌرتي ڇڏي جلاوطن ٿيڻ قبول نٿو ڪري سگهان.

منهنجي ڌيءُ کي به ملڻ ناهي ڏنو ويو. ڪوٽ لکپت جيل ۾ مون سان ملحق ڪمرا پنجاهه پاڳلن حوالي هئا، جيڪي رات ڏينهن زن دختر گارين جا انبار پيا اڇلائيندا هئا. مون کي ڪافر چوڻ وارا ڀلجن ڇو ٿا، مون ته شاعر مشرق جي فرزند کي لاهور ۾ چاليهه هزار ووٽن تان هارايو هو. زنده دلان ملتان مون کي مولانا حامد علي خان جي ڀيٽ ۾ ستر هزار ووٽ وڌيڪ ڏنا هئا. اوڻيهه سئو ايڪونجاهه ۾ مولانا مودودي لاڙڪاڻي ۾ ساندهه ٽي مهينا منهنجو ذاتي مهمان بڻيل هو، جتي مقامي طبيب سندس گردي جو علاج ڪندو هو. مرزائيت جو نوي سالا مسئلو مون حل ڪيو. آئون ته نواب محمد احمد خان جي عذرخواهي لاءِ سندس بيوه وٽ ويو هئس. مون کي ڦاهي جي سزا ملي ته يحيٰ بختيار بيحد پريشان هو. آٿت ڏني مانس ۽ آئون سزا جو ٻڌي پنهنجي مشقتي سان بيڊمنٽن راند ۾ جنبي ويس. جناب والا! لکين سال جيئري رهڻ لاءِ ڪير به پيدا ناهي ٿيو، پر جيتري به حياتي آهي اها عزت ۽ آبرو سان گذارجي. آئون پنهنجا ويچار هن بيت ذريعي ونڊيان ورڇيان ٿو:”

رنج سي خوگر هوئا انسان

تو مٽ جاتا هي رنج

مشڪلين مجهه پر پڙين

اتني ڪه آسان هوگئين!

سو ادي کي چوان! پاڻ ٻنهي پارٽين جي هڪ جهڙائين تي ٻه چار ٻول ٻولي هاڻ اچون ٿا حالات حاضره ڏانهن. لنڊن پلان مان ظاهر ٿيل خواهشن ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته ملڪي سياست ۾ سرگرم مڙني سياسي ڌرن سان لهه وچڙ ۾ اينداسين ۽ ملڪي وقار کي بلند بالا ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل رهنداسين.

تمنائن ۽ خواهشن کي تاتي پالي ته سگهجي ٿو پر حقيقي معنيٰ ۾ انهن تي عملدرآمد لاءِ جنهن دور رس نگاهه جي ضرورت آهي اسان جي ملڪ ۾ اهڙي بصارت ۽ بصيرت جو قد ۽ پد ڪيتري مقدار ۾ موجود آهي؟

مايوسي ۽ ملڪي مامرن بابت لاتعلقي سان معاشرا مرده ٿيو پون. تون ۽ مان پراميد رهون ته لنڊن پلان کانپوءِ جي پاڪستان ۾ چوڌري برادران جيئن چيما صاحب ۽ سالڪ صاحب هٿ ڪيا ويا آهن تيئن پي ٽي آءِ جي هاءِ ڪمان سان به مذاڪرات جا در بند نه ڪجن جيئن صدر صاحب جي ديدار لاءِ شهباز شريف تشريف کڻي ويو تيئن گرم ماحول ۾ جڏهن ٺاپر اچي ته مخدوم شاهه محمود هجي يا مولانا سراج الحق، اياز لطيف پليجو هجي يا پرويز خٽڪ، پير سائين پاڳارو هجي، اسعد رضوي. ڊائلاگ لاءِ در کولڻا پوندا!