سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) چناب کانپوءِ سنڌو ۾ وچولي ٻوڏ: واپڊا تربيلا جا اسپل وي کولي اڍائي لک ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرائي ڇڏيو : ڪوٽري ڊائون اسٽريم ۾ 3180 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرايو ويو، ان ڏس ۾ ملڪ جي مٿانهن علائقن ۽ سنڌو درياءُ جي ڪيچمينٽ ايريا ۾ تيز برساتون پوڻ سبب سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي. تربيلا ڊيم جي مٿانهين پاسي ۽ بشام بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا 3 لک 8 هزار ڪيوسڪ تي پهچڻ بعد وچولي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اهڙي صورتحال بعد واپڊا پاران بجلي جي پيداوار وڌائڻ ۽ ٽنل 4 جي صلاحيت جاچڻ لاءِ ڊيم مان هڪدم اڍائي لک ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرايو ويو آهي، ڪالهه صبح جو تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1502.36 فوٽ هئي، جيڪا ڪالهه رات تائين 1505 فوٽ ٿي وئي هئي. ذريعن موجب اڄ شام تائين تربيلا جو ڇوڙ وڌيل رهندو، اسڪردو ۾ گرمي پد ۽ مٿانهن علائقن ۾ برسات واري صورتحال کي ڏسي ڇوڙ جو فيصلو ڪيو ويندو. واضح رهي ته اسڪردو ۽ مٿانهن علائقن ۾ گرمي پد وڌي 36 سينٽي گريڊ تي پهچي ويو آهي، ڪالهه پنجند وٽان سنڌو ءُ ۾ 23850 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو، جڏهن ته چاچڙان وٽ گيج 8 فوٽن تي پهتل آهي، اهڙي صورتحال سبب گڊو کي گهرج کان 14 ۽ ڪوٽڙي بئراج کي 20سيڪڙو وڌيڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، ڪالهه شام جو گڊو وٽ اپ اسٽريم ۾ 160802 ڪيوسڪ پاڻي پهتو هو، ٻئي طرف سنڌ آبپاشي کاتي پاران ڪوٽڙيءَ ڊائون اسٽريم ۾ 3180 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرايو ويو آهي، هوڏانهن چناب ۾ به وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، منگلا ڊيم جي سطح به 1184 فوٽن تائين پهچي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ارسا جي ترجمان خالد راڻا پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ ۾ وچولي ٻوڏ سبب پاڻي 15 سيڪڙو وڌي ويو آهي، هن وقت واپڊا به ڊيمن مان هائڊل بجلي جي مڪمل پيداوار پيدا ڪري پئي. هن چيو ته ارسا۽ واپڊا تربيلا ڊيم کي روزانو 2کان 5فوٽن تائين ڀرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن واضح ڪيو ته تربيلا کي خالي ڪرڻ واريون خبرون غلط آهن، تربيلا ۾ 1550 فوٽن تائين پاڻي گڌ ڪري سگهي ٿو، اڄ ڊيم جي سطح 1505 فوٽ هئي، ڊيم ۾ 45 فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو. هن چيو ته ارسا۽ واپڊا تربيلا ڊيم کي روزانو 2کان 5فوٽن تائين ڀرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين وچولي ٻوڏ جاري رهندي. واضح رهي ته واپڊا اختيارين 27 جولاءِ تي ليٽر جاري ڪري 48 ڪلاڪن اندر تربيلا جا اسپل وي کولي ڏيڍ کان پوڻا 4 لک ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو